سيراڻي(ن پ ا) سيراڻي ڀرسان  ڳوٺ ڪرڙ چانگ جي رهواسين بخاري چوڪ سيراڻي کان پريس ڪلب سيراڻي اڳيان ٺيڪيدار جھانگير ميمڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڇتي نعري بازي ڪئي. سيد اڪبر علي شاھه، ذوالفقار علي چانگ، علي بخش، چانگ غلام قادر چانگ، سيد شير محمد شاھه، سيد فدا حسين شاھه، سيد غلام مصطفا شاھه، شريف چانگ، علي نواز چانگ، سيد عباس علي شاھه جن ڇتي نعري بازي ڪندي مطالبو ڪندي چيو ته ٺيڪيدار جھانگير ميمڻ اسان جي ڳوٺ جي روڊ جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي غائب ٿي ويو آھي، جنھن کي ٻه سال گذري چڪا آھن مٽي لاھي پٿر ڇڏي غائب ٿي ويو آھي جن پٿرن ۾ ڊڀ ۽ ڪانڊيرا اڀڙي ويا آھن، ليڪن ڪابه پوئيواري نه ٿي آھي اسان برساتن پوڻ سبب شھر کان ڪٽجي ويھي رھندا آھيون، اسان جو سڄو ڪم ڪار شھر سان ھوندو آھي اسان اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ٺيڪيدار جھانگير ميمڻ خلاف قانوني ڪارروائي ڪري روڊ جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان پنھنجو پر امن احتجاج جاري رکنداسين.