سيراڻي (رپورٽ:شاهنواز چاوڙو) سيراڻي ۾ عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون قائم، ماڻهو مرضن ۾ وڪوڙجي ويا، خبر موجب سيراڻي شهر جي مختلف علائقن ۾ ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن جا بورڊ هڻي عطائين اسپتالون قائم ڪري ماڻهن جو علاج شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري غلط علاج سبب سوين ماڻهو هيپاٽائيٽس، ڪينسر ۽ ڦڦرن جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، جڏهن ته ان سلسلي ۾ علي نواز، معشوق علي، ڪريم ڏنو ۽ ٻين چيو ته عطائين ميڊيڪل اسٽور مالڪن سان ڳٺ جوڙي ڪري 2 اهڙا ميڊيڪل اسٽور کولرائي ڇڏيا آهن جن وٽ لائيسنس به نه آهي، هنن چيو ته عطائين جي غلط علاج سبب ڪيترائي ماڻهو موتمار بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، صحت وارو وزير، ڊي جي هيلٿ، ڊي ايڇ او ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار قدم کڻي انساني زندگين سان کيڏندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪري شهرين کي موضي مرضن ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچائين.