سيراڻي ۾ دڪاندار ۽ اهلڪار ۾ جهيڙو، ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل

0
37
سيراڻي ۾ دڪاندار ۽ اهلڪار ۾ جهيڙو، ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل
سيراڻي ۾ دڪاندار ۽ اهلڪار ۾ جهيڙو، ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل

بدين/سيراڻي(رپورٽر+ن پ ا) سيراڻي ٿاڻي جي حد ۾ قاضيه واهه اسٽاپ تي مقرر ٿيل سيراڻي پوليس پوسٽ جو اهلڪارربنواز منڌرو ۽ سيراڻي شهر جي ڪريانه جي دڪاندار مير محمد ملواڻي جي وچ ۾ معمولي ڳالهه تان هاٿا پائي ٿي پئي، جنهن بعد مامرو لئي مٽي ٿي ويو، پر شهر جي سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽن پاران واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ بعد پوليس معامري کي عزت جو سوال سمجهندي واپاري مير محمد ملواڻي ۽ هڪ نامعلوم خلاف سرڪاري فرياد تي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته رات دير تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي، ٻئي طرف ڊي ايڇ او بدين جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار ۽ دڪاندار وچ ۾ ڏيتي ليتي جو معاملو هو.