سيراڻي( ن پ ا)  بدين جي ڏاکڻي پٽي واري شھر سيراڻي ۾ يارهن مهينن جي ٻارڙي اويريا ڌي جميل ٿهيمور ارڙي جي بيماري سبب فوت ۽ ڪيترائي ٻار بيماري ۾ وڪوڙيل.تفصيلي خبرموجب بدين جي ڏاکڻي پٽي جي شھر سيراڻي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ارڙي جي بيماري منهن ڪڍيو آھي جنهن سبب سيراڻي شھر جي پورهيت جميل ٿهيمور جي يارهن مهينن جي نياڻي اويريا ارڙي سبب فوت ٿي وئي جڏهن ته ساڳئي گهر ۾ پنج سالن جي سميرا ۽ چئن سالن جي سويرا به ارڙي ۾ وڪوڙيل آھن.سيراڻي شھر جي ٿهيمور پاڙي  ۾ ڪيترائي ٻار ڄاڻايل بيماري ۾ ورتل آھن، جن ۾ چئن سالن جو سانوڻ پٽ علي مراد پنجن سالن جي صائمه ڌي علي مراد  ۽ پنجن سالن جي سلمه ڌي محمد علي  ٽن سالن جي صلمه ڌي محمد علي ۽ خميسو پٽ گل محمد به ارڙي جهڙي   خطرناڪ وبا ۾ وڪوڙيل آھين ضلع حڪومت ۽ صحت کاتي ڪي تڪڙا اپاء نه ورتا ته هي موذي مرض ڪيترن ٻارن جون جانيون ڳڙڪائي ويندو هتان جي سياسي ۽ سماجي ڌرين سيد حيدر شاھ  رزاق ملاح  صالح رند اسلم  ملاح اشفاق منڌرو ۽ ٻين اختيارين کان گهر ڪندي چيو ته جلد کان جلد  هن موذي مرض تي ضابطو آندو وڃي ۽ جلد رليف ڏنو وڃي.