سيراڻي(ن پ ا) ساحلي پٽي جي سوين ڳوٺن کي شهرن سان ملائيندڙ سيراڻي ڪڍڻ روڊ تي احمد شاه موري ڌماڪي سان ڪري وئي جنهن سبب وڏين گاڏين جي اچ وڃ بند ٿي وئي پل ڪرڻ سبب علائقي جي سوين ماڻهو پريشان جڏهن ٿه هتان جي رهواسين جان محمد گهراڻو ,غلام نبي چانگ, حاجي محرم ,علي نواز ملاح شفيع محمد ,جان محمد چانگ ۽ علائقي جي رهواسين صحافين اڳيان ڳالهائيندي چيو ته هي ڪڍڻ سيراڻي سميت علائقي جي ماڻهن کي شهر سان ملائيندڙ مک پل آھي جيڪا ڪري وئي آھي پر انتظاميه اگهور ننڊ پيل آھي علائقي جي ڳوٺن جا بيمار ماڻهو به اسپتال تائين نٿا پهچائي سگهجن زرعي جنسون سميت مسافر گاڏيون به هاڻي ڪراس نٿيون ڪري سگهن هنن عالي اختيارين کان گهر ڪندي چيو ته ڪري ويل احمد شاه موري جو مرمتي ڪم ڪرائي اڄ وڃ جو رستو بحال ڪيو وڃي.