سيراڻي: هتان جي علائقي واسين ۾ حاجي انور علي چاوڙو، ذوالفقار علي، محبوب علي، ياسين حسين ۽ ٻين ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو ته هتان جي چونڍيل نمائندا اليڪشن وقت اسان سان جيڪي واعدا ڪري ويا هئا اقتدار ۾ اچي وساري ڇڏيا، هڪ واعدو وفا نه ٿيو سيراڻي شهر ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيا آهن سيراڻي شهر کنڊرات لڳو پيو آهي شهر ۾ صفائي ناهي شھر ۾ گند ڪچري جا ڍير لڳل آهي سيراڻي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ جيڪي ڪم يا اسڪيمون ڏنيون ويون آهن، اهي هڪ ته وڏيرن کي ڏنيون ويون آهن، ٻيون پنهنجن ماڻهن کي ڏنيون آهن، ڪنهن غريب کي هڪ اسڪيم نه ملي آهي، اسان بار بار چونڍيل نمائندن کي هڪ ڪلو ميٽر روڊ لاء چيو آهي 5 سال گذري ويا آهن اسان کي نه مليو آهي، بدين جي سامونڊي پٽي ۾ صحت جون سهولتون نه آهن هڪ سرڪاري ڊسپينسري آهي جيڪا 8 ڪلاڪ کليل هوندي آهي رات جي وقت ڪنهن ايمرجنسي جي صورتحال ۾ مريض بدين پهچڻ کان رستي ۾ فوت ٿي ويندو آهي، اسان هن جديد دور ۾ بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهيون، هنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سيراڻي شهر ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.