سيراڻي(ن پ ا) سيراڻي ڀرسان ڳوٺ يارمحمد نونڌو ۾7 سالن جي  نينگر شهمير پٽ غلام رسول نونڌو سان مبينا جنسي ڏاڍائي جو ٻن جوابدارن  گلزار پٽ رحيم  بخش نونڌو ۽ صدام پٽ شوڪت نونڌو خلاف سيراڻي ٿاڻي تي  ڪيس داخل ڪيو ويوآهي، جڏهن  ته نينگر کي سيراڻي پوليس ليٽر ڏئي ميڊيڪل لاءِ انڊس اسپتال بدين موڪليو ويو آهي جڏهن  ته ايس ايس آءِ يو جي انچارج غلام قادر مسڻ ٻڌايو ته اسان ٻن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، نينگر کي ميڊيڪل لاءِ سول اسپتال بدين موڪليو آهي، وڌيڪ معاملي جي جانچ ڪري رهيا آھيون .