سيتاروڊ (ن پ ا) سيتاروڊ ۽ ڀرپاسي بدامني وڌي وئي آهي، ان ڏس ۾ ڪالهه اناج جي دڪان تان 20 لک رپيا روڪ رقم چوري ٿي ويا. اڻ ڄاتل چور ڪَٽيِ ۽ اناج جي مشھور واپاري فقير صفدر حسين گلال جي دوڪان جي ڇَتِ ٽوڙي دڪان اندر داخل ٿي تقريبن 20 لک رپين جي روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا، چوري جي خبر پوڻ تي اھلِسنت حسيني جماعت جي اڳواڻ صاحبزاده سيد حبيب احمد شاھ حسيني جماعت جي ساٿين سميت سيتاروڊ پوليس ايس ايچ او پڻ واقعي واري ھنڌ پهچي معائنو ڪري تفصيل ورتا، سيتاروڊ پوليس انهي چوري واقعي ۾ خادم چانڊيو، راشد چانڊيو ۽ ذوھيب سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف سيتاروڊ واسي غلام مرتضيٰ جانوري کان نامعلوم هٿيار بند ٽه دڳي وٽان موبائيل سيٽ ۽ روڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا آهن. جڏهن ته ديني جلسي مان نوجوان زاھد جانوري جي کيسي مان ٽچ موبائل پڻ نامعلوم ماڻهون ڪڍي ويا آهن، سيتاروڊ ۽ ڀرپاسي بدامني ماڻهن جو جيئڻ محال ڪيو آهي۔ موٽرسائيڪل، روڪ رقم، موبائل ڦرجڻ روز جو معمول بڻيل، چورين جي آزار سبب شھري عدم تحفظ جو شڪار آھن۔ ساڃاھ وند ڌرين ڳڻتي ظاهر ڪندي ايس ايس پي دادو کان وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي امن امان جي بحالي کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.