سيتاروڊ ( رپورٽ: امتياز احمد ٻگهيو) سيتاروڊ ڀرسان افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آهي، سيتاوليج ويندڙ روڊ ڳوٺ لالو ماڇي وٽ موٽرسائيڪل سان اڻڄاتل گاڏيءَ جو ٽڪر ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 35 سالا سڄڻ سولنگي ۽ سندس 3 سالا نياڻي زويا سولنگي فوت ٿي ويا آهن، افسوس ناڪ حادثي ۾ 3 ٻار برڪت، نديم ۽ زينب سخت زخمي ٿي پيا آهن، واقعو رات وقت پيش آيو آهي، جنهن ۾ موٽر سائيڪل سوار حادثي جو شڪار ٿيا آهن، خبر پوڻ تي زخمين کي لوڊر رڪشا ذريعي سيتا روڊ رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتي 35 سالا سڄڻ سولنگي ۽ 3 سالا زويا سولنگي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي، جڏهن ته ٻين زخمين کي فرسٽ ايڊ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ دادو ريفر ڪيو ويو ، چيئرمين ٽائون ڪاميٽي سيتاروڊ قمبر علي خان لغاري ڪائونسل ميمبرن سميت سيتاروڊ سرڪاري اسپتال پهتو، سيتاروڊ پوليس ايس ايڇ او پڻ سرڪاري اسپتال پهچي تفصيل ورتا، اڻڄاتل سواري سان حادثو پيش اچڻ تي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته واقع سبب علائقي ۾ سوڳ ڇائجي ويو آهي، لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو. حادثي بابت ايس ايڇ او سيتاروڊ دل جان مگسي ”پنهنجي اخبار“ کي ٻڌايو ته فوتي سڄڻ سولنگي ڳوٺ سيتاننڍي جو رهواسي پورهيت هو۔ جيڪو ٻارڙن کي سيتاروڊ ۾ رحماني سرڪار جو ميلو گهمائڻ پئي آيو ته رستي تي حادثي جو شڪار ٿيو. ايس ايڇ او موجب اطلاع آهن ته ويگن ۽ ٽريڪٽر ٽرالي جو حادثي وقت روڊ تان گذر ٿيو هو، آخري اطلاعن تائين تصديق ناهي ته حادثو ڪهڙي گاڏيءَ سان پيش آيو. پوليس موجب جاچ ڪريون پيا جلد حقيقت سامهون اچي ويندي.