سيتاروڊ(ن پ ا) سيتاروڊ ڀرسان جوھي بئراج 5 ميل وٽ بئراج جي پچنگ ڪندڙ تعميراتي خانگي ڪمپني جي سيڪيورٽي گارڊ مبينا پاڻ مٿان فائر ڪري خود ڪشي ڪري ڇڏي آهي، فوتي نوجوان جي شناختي ڪارڊ مان سڃاڻپ رفيق احمد پٽ واحد بخش سيال ويٺل ڳوٺ قادر بخش سيال تعلقه ٺري ميرواھ ضلعو خير پور ميرس طور ٿي آھي، سيتاروڊ پوليس ايس ايچ او دل جان مگسي”ٽائيم نيوز“ کي ٻڌايو ته شروعاتي معلومات موجب نوجوان پنهنجي گهر وارن سان فون تي ڳالهائيندي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪيو آهي، خودڪشي جو سبب گهرو پريشاني لڳي ٿو، وڌيڪ جانچ ڪيو پيا. سيتاروڊ پوليس لاش کڻائي سيتاروڊ سرڪاري اسپتال آندو، بعد ۾ فوتي نوجوان جي پي واحد بخش سيال ۽ ڀاءَ ضمير سيال سيتاروڊ پھچي ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو مڙھه اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا، سندن چوڻ ھو ته ڪوبه گھريلو مسئلو نه ھو، نوجوان جي ڦوھه جواني جي وڇوڙي جيءَ جھوري وڌو آھي، ھنن ٻڌايو ته فوتي نوجوان اڻ پرڻيل ھو.