پيارو اسٽيشن (ن پ ا)”سيتا روڊ ۾ سرڪاري لائبريري قائم ڪيو“پيارو اسٽيشن ۾ ساڃاهہ وندن ريلي ڪڍي، سيتار سرجڻهار فورم پاران شهر جي ساڃاهہ وندن سان گڏ ”حڪمرانو سيتا روڊ ۾ سرڪاري لائبريري قائم ڪيو“ جي سري هيٺ مشهور ميمڻ جي اڳواڻي  ۾ ريلي ڪڍي وئي، منير سمون ،احسن ابڙو، وحيد ڀرڳڙي، امان الله لهٻر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اڳواڻن  چيو تہ سيتا روڊ شهر ۾ سرڪاري لائبريري جي قيام لاءِ 14مهينن کان احتجاج جاري آهي، سيتا جا هزارين شاگرد علم جا اڃارا آهن پر واڳ ڌَڻي تماشو ڏسي رهيا آهن، هنن چيو تہ پ پ پ ايم اين اي عرفان لغاري، ايم پي اي عزيز جوڻيجو ۽ ڊي سي دادو سميع الله شيخ ڪوڙا ڏٽا ڏئي شاگردن کي وڌيڪ پريشان ڪيو آهي، هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو تہ تاريخي ۽ علمي شهر کي سرڪاري لائبريري ڏئي سيتار روڊ ۽ ڀرپاسي جي هزارين شاگردن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي