سيتاروڊ (رپورٽ: امتياز احمد ٻگهيو) سيتاروڊ_ جوهي بئراج ويجھو 6 ٻارن جي ماءُ ڪارنهن الزام هيٺ قتل، مڙس ۽ ڀاءُ گرفتار، ان ڏس ۾ جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ  بينظير قمبراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته  مقتولا ناري جي گهر مان نوجوان شهزاد ٻٻر زخمي حالت ۾ مليو آهي، ناري جو لاش ضروري ڪارروائي ۽ زخمي نوجوان کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو،  جتي ناري جي امڙ پيرسن ڌياڻي جو چوڻ هو ته   منهنجي ڌيءُ مون وٽ ترسيل هئي ته سندس مڙس پسند علي قمبراڻي پنهنجي ساٿين سان گڏ لوهي سرين سان ڌڪ هڻي ڪارنهن الزام هيٺ منهنجي بيدردي سان قتل ڪيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته  ڪارنهن الزام مڙهڻ لاءِ منهنجو نياڻو ڪنهن نامعلوم نوجوان کي رسن سان ٻڌي منهنجي گهر  آندو، جيڪو اڳ ئي زخمي حالت ۾ هو، مقتولا جي امڙ دانهيو ته منهنجي ڌيءُ  کي بيگناھ قتل ڪري مونسان ظلم ڪيو ويو آهي.