سيتاروڊ(ن پ ا) سيتاروڊ لڳ ڳوٺ حاصل چانڊيو ۾ پاروٿو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 5 ڀاتي بيهوش ٿي ويا، جن ۾ وسيم چانڊيو، وقاص چانڊيو، وقار چانڊيو، ذولفقار چانڊيو ۽ سندن امڙ شامل آهن، جن کي سيتاروڊ سرڪاري اسپتال مان طبي امداد بعد وڌيڪ علاج لاءِ دادو منتقل ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرن موجب بيهوش ٿيندڙ گهر ڀاتين رات جي وقت گهر ۾ کير چانورن جو ڀت ۽ ماني کاڌي هئي، جيڪو پاروٿو هجڻ سبب بيهوش ٿيا آهن.