خيرپور/سيتاروڊ(نمائندن وٽان) سيتاروڊ ڀرسان ڳوٺ نظام آباد لڳ جتوئي پٺاڻ ڳوٺ ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان خونريزي جھيڙي ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن ماجد علي، اختيار علي ۽ علي اڪبر جا مڙھ رات دير سان ميھڙ اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد سندن وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي مڙھ سندن اباڻي شھر خير پور ميرس نيا ويا آهن، ٻئي طرف واقعي ۾ ملوث جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿيڻ تي پوليس سندن گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن، ان سلسلي رابطو ڪرڻ تي راڌڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او شاھنواز اوٺو ٻڌايو ته افسوسناڪ واقعي کانپوءِ ايس ايس پي دادو جي حڪم تي ڊي ايس پي ميھڙ جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن سيتاروڊ، راڄو ديرو، شاھ پنجو، پيروز شاھ سميت ميھڙ ٿاڻن جي وڏي پوليس نفري واقعي واري ھنڌ پھتي، جتي جوابدار ھٿ نه اچڻ تي سندن گھرن کي ڊاھي پَٽُ ڪيو ويوآھي، گرفتاري لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا پيا وڃن جلد گرفتاري عمل ۾ ايندي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، پوليس ٻڌايو ته فوتين جا وارث ناهن آيا، سندن اچڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، ٻئي طرف ٽن انساني قتل بعد ڳوٺ جتوئي پٺاڻ سميت علائقي ۾ خوف جي فضا ڇانيل آهي،خيرپور جي رهواسي ٽن ڄڻن کي قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف وارثن طرفان خيرپور پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ جسقم جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد مهيسر ۽ ڪارڪن پڻ شامل ٿي ويا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن بادشاهه بڙدي، نصرت، علي جان، دلدار، غلام مصطفي بڙدي ٻڌايو ته خيرپور ۾ شهيد آباد محلي جا رھواسي اختيار ميرالي، ماجد ميرالي ۽ غلام اڪبر بڙدي دادو جي ڳوٺ ڳوٺ محمد سرور عابدار ۾ سعودي کان آيل اسلم جتوئي سان ملڻ ويا ته اتي جوابدار خالد، منصور، احسن جتوئي، قيوم جتوئي ۽ ٻين جوابدارن فائرنگ ڪري ٽنهي ڄڻن کي بي گناهه قتل ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته حد جي پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي نه وري مٿن ڪيس داخل ڪيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.