سيالڪوٽ(م ڊ) پنجاب جي شهر سيالڪوٽ ۾ نامعلوم ماڻهن جي گاڏي تي فائرنگ سان گهٽ ۾ گهٽ 7 ماڻهو مارجي ويا، پوليس واقعي کي ذاتي دشمني جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو. خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب سيالڪوٽ جي مالوڪي ڀلي ۾ واقعو پيش آيو، جتي هٿياربندن واهه بي آر بي جي ڪناري گاڏي مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي. پوليس موجب ڌرين ۾ شيخوپوره ضلعي ۾ زمين تان تڪرار هلندڙ هو. قاتلن جي گرفتاري لاءِ 3 ٽيمون جوڙيون ويون آهن. مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.