سياسي گرمي ۾ وسري ويل ٻوڏ متاثر

0
66
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪ ۾ هر طرف سياسي گرماگرمي ئي بحث هيٺ آهي جڏهن ته ٻيا سڀ مسئلا ۽ معاملا پوئتي هليا ويا آهن .عوام مهانگائي ۾ مارجي رهيو آهي ان جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي،بيروزگاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ان تي به ڪير ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي ،سياري ۾ ماڻهن کي گئس نه ملندي  اها به ڪنهن جي ايجنڊا تي ناهي.ميڊيا کان وٺي سوشل ميديا ايستائين جو مهانگائي جي ماريل عوام جي به بحث جو موضوع اها سياسي گرما گرمي آهي جيڪا گهٽ ٿيڻ جو نالو نه ٿي وٺي بلڪه ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي،اڳ ۾ اها سياسي گرمي هڪ ٻئي تي ڪرپشن  يا ٻين الزامن تائين محدود هئي پر هاڻي لانگ مارچ شروع ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ مارشل لا ۽ رتوڇاڻ جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن ،پر انهي سڄي بحث دوران جيڪڏهن  سڀني کا وسريل آهن ته اهي ٻوڏ متاثر آهن جن جي لاءِ ڪا رٿابندي ڪا حڪمت عملي نظر نه پئي اچي ته انهن جي بحالي لاءِ ڇا ڪرڻو آهي ۽ مٿان سيارو اچي پهتو آهي ته اهي لکين بي گهر ٿيل ماڻهو  کليل آسمان هيٺان بنا ڇت جي اهي سخت سردين جا ڏينهن راتيون ڪيئن گذاريندا؟  انهن جي ڪنهن کي ڄڻ پرواهه ئي ناهي ۽ ڄڻ اهي ٻوڏ متاثر هن رياست يا حڪومت جي عوام ئي ناهن جن لاءِ حڪومت توڙي مخالف ڌر وارا سوچين. باقي هڪٻئي کي سياسي طور گهٽ ڏيکارڻ لاءِ هڪڙا لانگ مارچ ڪري رهيا آهن ته ٻيا ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه پريس ڪانفرنسون ڪري رهيا آهن پر انهن ٻوڏ متاثرن لاءِ ڳالهائڻ لاءِ وٽن ٻه منٽ يا ٻه لفظ به نه آهن.

برساتي ٻوڏ کان پوءِ متاثرين کي رليف دوران جيڪي ڏکيايون پيش آيون اهي ڏينهن تي گذري ويا پر هاڻي جڏهن  ٻه کان ٽي مهينا گذري ويا آهن تڏهن به انهن جي بحالي وارو ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي  ٻيو ته ٺهيو پر انهن علائقن مان نه پاڻي نيڪال ٿي سگهيو آهي نه ئي وري رستا بحال ٿي سگهيا آهن جو ٻوڏ متاثثر سرڪار جو آسرو ڇڏي پاڻ مرادو ئي پنهنجي بحالي واري ڪم لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪن  يا ٻڏي ويل پنهنجن علائقن ڏانهن واپسي جو سفر شروع ڪن.هن وقت به درياءَ جي رائيٽ بينڪ وارا علائقا جيڪي برسات ۽ بلوچستان مان آيل پاڻي سبب متاثر ٿيا اتي اڃا تائين گهڻن علائقن ۾ چار کان پنج فوٽ تائين پاڻي بيٺو آهي . شهداد ڪوٽ ،وارهه، ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ جوهي تعلقا مڪمل طور پاڻي هيٺ آهن ۽ انهن ۾ ڪڻڪ جي پوکي به نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته جهڏو ڊگهڙي نئون ڪوٽ وارا  علائقن مان به پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. هن وقت به انهن علائقن جا لکين ماڻهو يا ته ڄامشورو ،حيدرآباد ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ پناهه وٺي ويٺل آهن يا وري اهي روڊن رستن يا بندن تي عارضي پکا يا ڪيمپون قائم ڪري ترسيل آهن .شروع ۾ ته کين سرڪاري يا سماجي سطح تي انهن کي ماني ڳڀو ڀلي مڪمل نه سهي پر ٿورو گهڻو ملي رهيو هو پر هاڻي وقت گذرڻ سان اهي رليف واريون ڪارروايون به بند ٿي ويون آهن. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته انتظامي طور اڃا تائين ڪيتريون ڪيمپون قائم  ڄاڻايل آهن پر انهن جا رڳو بل ٿا ٺهن باقي ٻوڏ متاثرن تائين اها امداد به نه ٿي پهچي.هاڻي ته سيارو اچي پهتو آهي ۽ اهي سيءَ ۾ ڪيئن کليل آسمان هيٺ ويهي گذارو ڪري سگهندا اهو سوچي ئي لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن.

اسان سمجهون ٿا ته سخت سيءَ شروع ٿيڻ کان اڳ حڪومت کي انهن ٻوڏ متاثرن لاءِ بهتر بندوبست ڪرڻ گهرجي .اڳ ۾ ئي چوڌاري پاڻي بيٺل هئڻ ڪري اهي ٻوڏ متاثر مليريا خارش ۽ پيٽ جي بيمارين کي منهن ڏئي رهيا آهن جن مان ڪيترائي پنهنجون جانيون به وڃائي ويٺا آهن جيڪڏهن سخت سيءَ اچڻ کانپوءِ به انهن کي اجها نه ملي سگهيا يا اهي محفوظ هنڌن تي منتقل نه ٿي سگهيا ته پوءِ نمونيا ۽ سردي جي ڪري وڌيڪ جانيون ضايع ٿيڻ جو خطرو ٿيندو جنهن جي سڄي ذميوار سرڪار ۽ رياست هوندي.