ڪوئيٽا(م ڊ) عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سياسي ڏڦيڙ ختم نه ڪندا ته ملڪ اڳتي نه وڌندو، ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئين ۾ رهِي وسيلن جي ورڇ ڪرڻي آهي ۽ معاملا اڳتي وڌائڻا آهن، اِن کان ٻاهر نڪرندا ته معاملا خراب ٿي ويندا، شاهد خاقان چيو ته جيستائين بلوچستان جا وسيلا مقامي نوجوانن کي نه ملندا، امن بحال نه ٿيندو، سوچڻ جي ضرورت آهي ته بلوچستان ۾ اهڙي صورتحال ڇو آهي؟ عوام کي نمائندگي ۽ وسيلا ڏيڻ سان بلوچستان جا مسئلا حل ٿيندا، هن وڌيڪ چيو ته ڪوئيٽا اچڻ وقت هڪٻئي پويان چيڪ پوسٽون نظر آيون، پوءِ به امن امان نه آهي.