سياسي ڌريون ماضي مان سبق نه سکنديون ؟

0
32
احتساب ۽ انتقام ۾ فرق هئڻ گهرجي

اليڪشن  ڪميشن  جي  فيصلي کانپوءِ ملڪي سياست ۾ هڪ طوفان  آيل آهي، هر  ڌر انهي فيصلي کي کڻي پنهنجي سياست کي اڳتي آڻڻ لاءِ ڪوسشون ڪري رهي آهي.پي ٽي آءِ جو نشانو چيف اليڪشن ڪمشنر آهي ته حڪمران  اتحاد وري ڪيئن  به  ڪري پي ٽي آءِ کي سوڙهو ڪرڻ چاهي ٿي.پر بدقسمتي اها آهي ته سياسي ڌريون جيڪي ڪالهه تائين هڪڙي فيصلي تي خوش نه هيون اهي اڄ اهڙي ئي فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪري رهيون  آهن  ۽ جيڪي  ڌريون ڪالهه خوش هيون  اڄ اهڙو ئي فيصلو انهن جي خلاف استعمال ٿي رهيو آهي.جنهن جو مطلب سياستدان ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ لاءِ تيار ناهن، سياست ۽ سياستدانن  جا  فيصلا  اهي پاڻ ڪرڻ بدران ٻيا انهن جا فيصلا  ڪري رهيا آهن جيڪا ڪنهن  به ريت سياسي ڌرين  لاءِ سٺي ڳالهه  نه ٿي چئي سگهجي.

اليڪشن ڪميشن  ممنوعه فنڊنگ ڪيس ۾ فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن  تي وري وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لاءِ ڊڪليريشن  سپريم ڪورٽ موڪليو ويندو  ۽ ٻاهرين  امداد وٺڻ جي جاچ ايف آءِ اي کان ڪرائي ويندي. ڊڪليريشن  سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلڻ جو مطلب ته جيڪڏهن سپريم  ڪورٽ ان ڊڪليريشن کي قبول ڪري ٿي ته  پي ٽي آءِ تي پابندي لڳي ويندي ۽ ان  جا سڀ  چونڊيل ميمبر به  نااهل ٿي ويندا. جڏهن ته توشه خان مان  حاصل ٿيل آمدني لڪائڻ تي حڪمران  اتحاد عمران خان کي نااهل ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن  ۾ ريفرنس داخل  ڪري ڇڏيو آهي،ڇاڪاڻ ته هو صادق ۽ امين  نه رهيو آهي تنهن ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.اسان وٽ سياسي اڳواڻن کي نااهل ڪرڻ  يا پارٽين تي پابندي ڪا نئين ڳالهه نه هوندي، ماضي ۾ به ان جا ڪيترائي مثال ملن ٿا پر تازا مثال ته نواز شرف کان وٺي جهانگير ترين جي نااهلي جا آهن

جن کي به ساڳئي بنياد تي نااهل ڪيو ويو هو ته انهن پنهنجا اثاثا لڪايا ۽ اهي صادق ۽ امين نه آهن .ان وقت ئي ڪجهه ڌرين اهو خدشو ظاهر ڪيو هو ته 62 ۽ 63 تحت ڪنهن کي نااهل ڪرڻ واري روايت ٺيڪ نه آهي. ارڙهين ترميم۾ اهي شقون ختم ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي پر ان وقت نواز ليگ ئي ان جي مخالفت ڪئي ۽ پوءِ انهن شقن جو پهريون نشانو نواز ليگ جو سربراهه نواز شريف خود ئي بڻيو، جنهن تي ان وقت جي مخالف ڌر جو اڳواڻ عمران خان ۽ ان  جي پارٽي خوشي ملهائي رهي هئي. ڇاڪاڻ ته  جڏهن اوهان  جو سياسي مخالف ٽيڪنيڪل بنيادن  تي ناڪ آئوٽ ٿي وڃي ته ان کان  وڏو فائدو ٻيو ڪو ٿي نه ٿو سگهي پر اهو فائدو عارضي هوندو آهي جيڪا سمجهه شايد ان وقت نواز شريف کي آئي ۽ هاڻ عمران  خان ۽ ان  جي پارٽي ان ڪيفيت مان گذري رهي آهي. سياسي معاملا جيڪڏهن پارليامينٽ ۽ سياسي ڌريون پاڻ ۾ ئي ويهي حل ڪن  يا مقابلو ڪري هڪٻئي کي هارائين ته اها روايت جمهوريت کي به اڳتي وٺي ويندي ته ان سان نظام  به مضبوط ٿيندو پر جيڪڏهن ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪنهن کي به آئوٽ ڪرڻ جي  ڪوشش ٿئي ٿي ته ان جا مثال اسان  جي آڏو آهن ته اهو هٿيار ڪنهن به وقت ڪنهن جي به خلاف استعمال ٿي سگهي ٿو.

اسان  سمجهون ٿا  ته 62، 63 جون شقون آئين  ۾ موجود آهن ته ظاهر آهي انهن جي ڀڃڪري ڪندڙن کي ان تحت سزا به ملندي پر ڇا اهو بهتر ناهي ته سڀ  سياسي ڌريون گڏ ويهي ڪو انهي جو حل ڪڍن ته اڳتي ڪير به انهي جو شڪار نه ٿي سگهي،رهي ڳالهه فارين  فنڊنگ جي ته اهو اليڪشن  ڪميشن جي ضابطن  ۾ واضح لکيل آهي ته ڪنهن کي به غير ملڪي شهرين يا ڪمپنين کان فنڊ وٺڻ جي اجازت نه آهي جيڪڏهن ڪير اها وٺي ٿو ته ان تي قانون تحت ڪارروائي ٿيندي پر جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته ان سان ناانضافي ٿي رهي آهي ته ان  لاءِ عدالتون موجود آهن ۽ پنهنجي صفائي ۾ ثبوت پيش ڪري سگهي ٿو باقي ادارن کي تڪراري بنائڻ  جي ڪوشش ڪنهن به ريت درست عمل نه آهي.