اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن رولز ۾ ترميم بابت اليڪشن ڪميشن ۾ سياسي جماعتن سان مشاورتي اجلاس چيف اليڪشن ڪمشن سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ ٿيو، سياسي جماعتن پاران اليڪشن رولز ۾ ترميم بابت پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪيو ويو. ذريعن مطابق سياسي جماعتن پاران اليڪشن ڪميشن جي اڪثر رولز ۾ ترميم جي حمايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪجهه رولز تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن پاران اليڪشن رولز ۾ سياسي جماعتن جا خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي وئي آهي. اڳوڻي قانون واري وزير نذير تارڙ اجلاس ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اليڪشن رولز ۾ ترميم وار مامري تي سياسي جماعتن پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي ۽ ڪافي رولز تي سياسي جماعتن جو اليڪشن ڪميشن سان اتفاق به ٿيو آهي.