لاهور(م ڊ) سياسي هوا گهلڻ سان گڏ ئي پي ٽي آءِ جي ڊي جي به يوٽرن وٺي ڇڏيو، ٻئي ڊي جيز هاڻي مسلم ليگ ن جي 21 آڪٽوبر واري جلسي کي نغمن سان سجائيندا، ڊي جي ولي سنز ۽ ڊيجي قيصر نديم گذو هاڻي ن ليگ لاءِ ڪم ڪندا. اڊيالا جيل جو گانو ڳائيندڙ ڊي جي گڊو نواز شريف لاءِ نغمو تيار ڪري ورتو آهي، جنهن جا ٻول “اميد سي يقين تڪ پاڪ سر زمين تڪ”، “ترقي جو راز آهي ميان نواز”، ٻنهي ڊي جي ولي سنز ۽ قيصر نديم نواز شريف جي آمد تي مينار پاڪستان لاهور جي جلسي گاهه ۾ 10 ٻڪرن جو صدقو ڏنو.