سياسي مزاحمت ئي واحد رستو آهي

0
160

ڇهين جون تي گرمي به ڏاڍي هئي، اڪثر ماڻهو ايئن لڳي رهيا هئا جيئن ڪي پگهر ۾ وهنتل هجن. جون مهينو جنهن لاءِ هونئن ئي مشهور آهي ته هي مهينو لڱ ساڙيندڙ مهينو آهي ان ئي جون جي سج جي تپش، جسم جي کل ايئن ساڙڻ لاءِ ايندي آهي ڄڻ اسان ڪي شمس تبريز هجون. گرم لوءِ پاڻ سان گڏ ڄڻ باھه جي ڄر کڻي هلندي آهي ان هوندي به لکين ماڻهو پنهنجي معصوم ٻارڙن، عورتن سان گڏجي گهر جي ڇانوَ ڇڏي تپندڙ روڊ جي ڏامر تي اچي پوتڙو وڇائي ويهي رهن ته سمجهڻ گهرجي ته اهو سڀ ڪجهه هو شوق مان نه پيا ڪن. ماڻهن جي وڏي اڪثريت هڙان وڙان خرچ ڪري وڏا ڪشالا ڪري بحريه ٽائون ڪراچي جي سامهون ان ڪري گڏ ٿي هئي جو هنن کي سنڌ کي ٻيو فلسطين ٿيڻ جو خطرو هو.
هنن لکين ماڻهن کي نه ڪنهن ورغلايو هو نه ئي ڀنڀلايو هو اڪثريت کي پنهنجي ئي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خوف هو. يقينن سنڌين کي مستقبل ۾ ڪنهن مهاجر ڪيمپ ۾ رهڻ بدران پنهنجي ئي زمين تي پير ڄمائي جيئڻو آهي ان ڪري انهن کي نه گرمي جو احساس هو نه ئي سج جي تپش جي پرواهه هئي. هن احتجاج ۾ سنڌ جي مختلف مڪتب فڪر جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا نه پارٽين جي جهنڊن سان هنن جو جهيڙو هو نه ئي وري قيادت سان اختلاف وڏي مقصد لاءِ انائون ڇڏي آيل ماڻهو جدوجهد جي ٻئي مرحلي جي اعلان لاءِ آتا هئا. جيڪي ماڻهو چوندا آهن ته سنڌ ۾ عوامي جدوجهدن کي منظم ڪرڻ وارا اڳواڻ ئي مري ويا سي سڀ انهن اڳواڻن جي سڏ تي اچي گڏ ٿيا هئا جن سان هنن جا اجايا جهيڙا جوٽيل آهن. مائرن جي هنجن ۾ پيل ٻار مٺي ٿڃ جا ڍڪ ڀري رهيا هئا ۽ ٻارن کي گوڏن تي سمهاري پٺن تي ٿپڪيون هڻندڙ مائرون بحريه ٽائون نامنظور جا نعرا هڻي رهيون هيون. نوجوان ٽوليون ٺاهي“ تو سنڌ کپائي زرداري” جا پرجوش نعرا هڻي رهيا هئا.
نيري آسمان ۾ اڏامندڙ اڇن پکين جي قطارن کي اوچتو ڪاري دونهين ۾ گم ٿيندي ڏسي مونکان رڙ نڪري ويئي. هي باھه ڪنهن ڏني آ ۽ هي ڪارو آسمان ڪنهن ڪيو آهي .
منهنجي سوال جو جواب اسٽيج تان لهرون بڻجي آواز ذريعي مليو، انهن شر پسندن سان اسان جو ڪو واسطو ناهي، انهن کي روڪيو، انهن کي گرفتار ڪريو پر ڇهين جون جي ان گرم ڏينهن تي بحريه ٽائون ڪراچي جي گيٽ اڳيان ڌرڻي ۾ گڏ ٿيل لکين سنڌي ماڻهو ڀڙڪندڙ باھه کي حيرت مان ڏسندي ئي ڏسندي رهجي ويا. پهرين اسٽيج جي ساڄي پاسي موٽر وي تي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ ايئن ڪراچي کان ايندڙ بحريه ٽائون جي رستي ڏانهن به باھه جا وڏا الا ڀڙڪي اٿيا ان هوندي به ماڻهن جي اڪثريت بي خوف هئي، ڪنهن کي به اها ڪل نه هئي ته بحريه ٽائون واري پاسي جتي وڏي تعداد ۾ پوليس نفري ۽ بحريه ٽائون جو پنهنجو سيڪيورٽي فورس موجود آهي ۽ جلسي گاهه مان اهي سڀ فورسز چٽي طرح ڏسڻ ۾ به اچي رهيا هئا ان جي باوجود به سو جي لڳ ڀڳ ماڻهو پوليس جي جوڙيل حصار ۽ ڪنٽينر ۽ خاردار تارون هٽائيندا بحريه ٽائون جي ڪمرشل ايريا جي ويجهو وڃي پهتا هئا پر سيڪيورٽي ادارا ان دوران پير پوئتي ڪندا خبر ناهي ڪهڙي ڪنڊ وٺي وڃي بيٺا هئا.
ڇهين جون تي لکين ماڻهو بحريه ٽائون جي نالي ۾ والار خلاف گڏيل جدوجهد ذريعي دنيا کي پيغام ڏيڻ آيا هئا ته سنڌي قوم اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جي خوف هيٺ آهي. اها پرامن جدوجهد ڪيترن ئي سنڌ دشمنن جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀندڙ هئي ڇاڪاڻ ته تازو گڏيل پرامن جدوجهد سان سنڌ کي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف ڪاميابي ملي هئي، ڪافي سالن کان پوءِ اها گڏيل جدوجهد جي ڪرامت سامهون آئي هئي جو وفاق پير پوئتي ڪيا هئا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پرامن جدوجهد ذريعي سنڌي ماڻهو ڪاميابي ماڻين ۽ ملڪ جا مقتدر ادارا خاموش تماشائي ٿي ڏسندا رهن.ٽن ڪلاڪن جي ڀڃ ڊاهه دوران ڪٿي به ڪا قانون جي عملداري ڏسڻ ۾ نه پئي آئي. اهو سڀ ڪجهه پلان جو حصو هو ان ڪري ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيندڙ لڳ ڀڳ سو جي اندر ماڻهو هڪ هزار کان وڌيڪ پوليس جي سپاهين کي ڏسڻ ۾ ئي نه پئي آيا.
اسان جي ڏسندي ئي ڏسندي بحريه ٽائون جي بلند ترين در جي اسٽرڪچر مان دونهون نڪرڻ شروع ٿيو اهو دونهون نيري آسمان کي ڪارو ڪرڻ جي لاءِ ڪافي هو اسان مان گهڻا ماڻهو حيرت ۾ هئا ته هر طرف دونهون ئي دونهون آهي پر باھه ڇو ڏسڻ ۾ نٿي اچي آخر بحريه جي در جي اسٽرڪچر مان دونهون ڪيئن پيو اڏري ۽ پوءِ ڪنڪريٽ جو ٺهيل بحريه جي در جو اسٽرڪچر ايئن ٻرڻ لڳو جيئن ڪو رديءَ جي اخبارن ۽ ڪچري جي ڍير تي اڇلايل پاٺن جو ٺهيل هجي. مون کي بحريه ٽائون جي بلند ترين در مٿان ڇٽ ڪري بيٺل ڪارو دونهون ڏسي نائين اليون واقعي جا اهي ٽوئن ٽاور ياد آيا جن مان جڏهن جهاز گذريا هئا ته ٽاور زمين دوز ٿيڻ کان پهرين آسمان ۾ ڪاري دونهين جا ڪڪر ٺاهي رهيا هئا. مونکي ياد آيو ته بلديه فيڪٽري سانحي ۾ ڪيميڪل سان باھه ڏيئي سوين زنده انسانن کي ساڙيو ويو هو. ان فيڪٽري مان پهرين ڪارو دونهون ئي نڪتو هو. جنهن لاءِ اڳتي هلي ملڪ جي حساس ادارن ۽ سول ادارن جي جوڙيل جي آءِ ٽي رپورٽ ڏني هئي ته ڀتي نه ڏيڻ تان انهن زندھه انسانن کي ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن ساڙيو هو، ساڳي تنظيم جي دهشتگردن جرنل مشرف جي دور ۾ انڪار جي سزا طور ڪراچيءَ ۾ وڪيلن جي آفيسن کي ساڙڻ لاءِ ڪيميڪل استعمال ڪيو هو ۽ جرنل مشرف سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ڪاري ڪوٽ وارن آمريت مخالف وڪيلن کي زنده ساڙڻ جو ڪم ڪيو هو.
جلسي گاهه ۾ اڃان ماڻهو اچي رهيا هئا اسٽيج تان قراردادون پيش ٿي رهيون هيون ۽ هاڻي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي کي تقرير لاءِ مدعو ڪرڻ لاءِ اسٽيج سيڪريٽري تياري ڪري رهيو پر بحريه ٽائون جي در جي اسٽريڪچر کي لڳل باهه جا الا هوا جي رخ تي اڏامندا اسٽيج جي ويجهو ڪري رهيا هئا.
اوچتو بحريه ٽائون جي اندارن پرامن جلسي گاهه مٿان ٽن ڪلاڪن تائين گم ٿي ويل پوليس شيلنگ ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني . جلسي گاهه ۾ موجوده اڪثريت شايد اڳ اهڙي آنسو گئس جي شيلنگ جي زهريلي دونهين کان اڻ واقف هئي جنهن ڪري ڪافي نوجوان جلسي گاهه ۾ ئي بيٺل رهيا پر جڏهن انهن جا ساهه منجھڻ لڳا ۽ اکيون پوسرڻ، جسم سڙڻ لڳو ته هو جلسي گاهه کان ٻاهر نڪري وڏن ساهن کڻڻ ۽ اکين کي پاڻي هڻڻ ۾ مشغول ٿي ويا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ٽن ڪلاڪن تائين بحريه ٽائون جي اندر وڳوڙين کي گرفتار نه ڪرڻ واري پوليس ۽ ٻيا ادارا جلسي ۾ موجود پرامن احتجاج ڪندڙن کي تشدد ڪري گرفتار ڪرڻ لڳا .
مونکان اڪثر سنڌ ۾ نوجوان سوال ڪندا آهن ته سنڌين کي پرتشدد سياست جو حصو ٿيڻ گهرجي يا پرامن سياسي مزاحمت جي پاسي بيهڻ گهرجي.
مان انهن کان ئي موٽ ۾ پڇندو آهيان ته هڪ انسان کي ٽهڪ جي پاسي بيهڻ گهرجي يا باھ جي شعلي جي پاسي. کلي چوندا آهن ته ٽهڪ جي پاسي. ڇاڪاڻ باهه جو شعلو موٽ ۾ باھ ئي پيدا ڪندو آهي. تشدد جي موٽ ڏاڍي خطرناڪ هوندي آهي اها موٽ رت جا درياءَ وهائي ڇڏيندي آهي. ان ڪري هر صورت ۾ اسان کي عدم تشدد جي پاسي بيهڻو آهي.
سياسي ڪارڪنن کي هر وقت ياد رکڻ گهرجي ته هي رياست سيڪيورٽي رياست آهي جيڪا هر وقت حالت جنگ ۾ آهي. هن رياست جي بقا ئي ان ۾ آهي ته هو اندر توڙي ٻاهر هر وقت جنگ جي ميدان ۾ رهي. سيڪيورٽي رياست پاڻ کي ھر وقت خطري ۾ سمجهندي آهي ان ڪري ان جي حڪمت عملي ۽ ايڪشن پلان ۾ اڳيان اڳيان تشدد هوندو آهي ان تشدد جو نشانو اڪثر اهي ئي ماڻهو بڻجندا آهن جيڪي رياست جي ان جارحاڻي شڪل جا مخالف هوندا آهن. جمهوري عمل جا حمايتي، اظهار جي آزاديءَ جا وڪيل، قومن جي برابري جي ڳالهه ڪندڙ ، رياستي جبر ۽ ناانصافي جا انڪاري هوندا آهن.
اڪثر اسان کي ڪافي ڳالهين ۾ منجهايو ويندو آهي اسان کي ٻڌايو ويندو آهي ته هٿيار بند ويڙهه کان سواءِ ٻيو رستو ئي ناهي ان ڪري سنڌ ۾ هزارين نوجوانن کي هٿيار بند ويڙهه جي نالي ۾ تشدد جي پاسي بيهڻ لاءِ گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان ڪيتريون ئي نام ڪٺيون لبريشن آرميون جوڙي سنڌ جي نوجوانن جي هٿن ۾ هينڊ گرنيڊ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اسان کي تشدد جا حمايتي ماڻهو سياسي مزاحمت ۽ جدوجهد جي اهميت ۽ افاديت کان انڪار ڪندي ملندا. هو سمجهن ٿا ته سياسي مزاحمت جي نالي تي بزدلي جا درس ڏنا وڃن ٿا پر حقيقت اها آهي ته هن دور ۾ جن قومن سياسي مزاحمت جو رستو ورتو آهي انهن قومن نه صرف پنهنجي عوام جي طاقت کي سگهارو ۽ منظم ڪيو آهي پر عالمي سطح تي به اخلاقي مدد حاصل ڪئي آهي. سياسي مزاحمت بهادري ۽ ڏاهپ جو اعليٰ درجو آهي ۽ ان عمل جو بنيادي تصور عدم تشدد جهڙي انسان دوست خيال تي بيٺل آهي.
اوهان هٿين خالي هجو، سامهون اوهان جي رياستي ادارا هجن جن جي هٿن ۾ جديد هٿيار هجن جيڪي هر وقت عام ماڻهن مٿان تشدد لاءِ تيار هجن ان وقت اوهان جي نڙين مان نڪتل نعرن جي گونج، اوهان جي للڪار، اوهان جي پيش قدمي ثابت ڪري ٿي ته اوهان سياسي مزاحمت سان فتح ڏانهن وڌي رهيا آهيو.
اسان کي ملڪ ۾ هلندڙ هن دور جي پختونن جي تحريڪ مان به سبق سکڻو پوندو لکين ماڻهن جي جلسن ۾ هو هڪ پٽ تي پيل ڪاغذکي به باھه نٿا ڏين پختونن جي قومي تحريڪ جو هي نئون جنم آهي جنهن ۾ هنن قومي مسئلن کي انساني حقن سان جوڙي پيش ڪرڻ جو ڏانءُ سکي ورتو آهي. سخت کان سخت سياسي بيانيو هوندي به هنن پنهنجي تحريڪ کي تشدد کان پري رکيو آهي.
اسان کي سکڻو آهي ته قومي جدوجهد کي مهم جو ماڻهن جي حوالي ناهي ڪرڻو. دشمن جي طاقت جو درست اندازو لڳائي اسان کي پنهنجي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. جدوجهد کي عوامي رنگ ڏيڻ لاءِ تشدد جي واقعن جي مخالفت ڪرڻي پوندي. گڏيل جدوجهد ذريعي دشمن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سياسي مزاحمت جو پاسو وٺڻو پوندو. اسان کي پنهنجي تحريڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو پوندو. نه صرف ٻاهرين دشمن تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي پر صفن ۾ موجود دشمن جي ايجنٽن جو به گهيرو تنگ ڪرڻو آهي.
سنڌين جي هن حق حڪمراني واري جدوجھد کي روڪڻ لاءِ هر طرف پنجوڙ وڇايا ويندا. ايم ڪيو ايم جهڙيون لساني بنيادن تي سياست ڪندڙ ڌريون به سنڌين کي ڪراچيءَ مان ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هر قسم جي دهشتگردي لاءِ هر وقت تيار رهنديون. انهن گهڻ طرف دشمنن ۽ خطرن سان ڀريل حالتن مان سياسي ڏاهپ سان سنڌ کي بچائڻ جو ڪم اوهان ۽ اسان کي گڏجي ڪرڻو آهي. هنن حالتن ۾ اسان وٽ فقط هڪ ئي جدوجهد جو رستو بچيو آهي اهو رستو سياسي مزاحمت جو ئي رستو آهي.