ماتلي (ن پ ا) پي ٽي آءِ اڳواڻن مقيت نظاماڻي عرف ڇوٽا ڪپتان، اسد نظاماڻي، طاهر نظاماڻي ۽ پي ايس 68 ماتلي جي اميدوار عطاالرحمان نظاماڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ۾ ضلعي بدين ۾ پي ٽي آءِ جا اميدوار مخالفن سان ڀرپور مقابلو ڪندا, هنن چيو ته کين سرڪاري مشينري جي ماڻهن نه پر  سياسي مخالفن جا ماڻهو اميدوارن کي هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن پر ڪنهن به دٻاءَ ۾ نه ايندا، هنن وڌيڪ چيو ته هنن جي ڪنهن فرد سان نه پر هن ناڪارا سسٽم سان جنگ آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ماضي ۾ اسان ۽ اسان جي قيادت جي غلطي هئي جو ماضي جي اليڪشن ۾ ماتلي مان چونڊ وڙهندڙ اميدوار هٿ کڻي ويا هئا، هنن چيو ته ساڻن ان کان وڌيڪ ظلم ڪهڙو ٿيندو جو ماتلي ۾ ريلي دوران ڦوڪڻا اڏائڻ تان سندن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو بدين ضلعي ۾ اليڪشن ۾ ڪنهن به پارٽي سان اتحاد نه ڪندا سندن طرفان پي 68 ماتلي تي عطاالرحمان نظاماڻي ۽ اين اي 222 تي شاهنواز نظاماڻي ۽ محمد طاهر نظاماڻي مخالفن سان مقابلو ڪندا.