اسلام آباد (م ڊ) صدر ۽ وزيراعظم سوڌو سياسي قيادت نوشڪي واقعي جي مذمت ڪئي آهي، صدر آصف زرداري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم شهرين کي قتل ڪندڙ قوم جا خير خواهه ناهن، پوري قوم دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي رد ڪري ٿي. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن. جڏهن ته وزيراعظم  شهباز شريف نوشڪي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وزيراعظم چيو آهي ته ڏکئي وقت ۾ سوڳوارن سان گڏ آهيون، دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي جوڳي سزا ڏني ويندي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته قائد اعظم جي پاڪستان ۾ اهڙن واقعن جي ڪابه گنجائش ناهي، ڪي پي جي وڏي وزير  علي امين گنڊاپور چيو ته بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻائڻ غير انساني فعل آهي، سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه چيو ته دهشتگرد پاڪستان جي امن ۽ اُن جي خوشحالي جا دشمن آهن، نفرت جي فضا قائم ڪندڙن  جي لاءِ ملڪ ۾ ڪابه جاءِ ناهي.