ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ)سياسي صورتحال:4947 پوائنٽن جي رڪارڊ واڌ سان اسٽاڪ مارڪيٽ جون 95، 96، 97، 98 ۽ 99 واريون 5 نفسياتي حدون بحال، ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي مارچ سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش ٿي وئي هئي، 100 انڊيڪس 3506 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 94574 پوائنٽن تي وڃي پهتي هئي، ڪالهه اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جو احتجاج ختم ٿيڻ بعد اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتر ي اچي وئي، جنهن سبب سيڙپڪارن 500 ارب ڪمايا، ڪالهه شام جو مارڪيٽ 4695 پوائنٽن جي واڌ سان 99269 پوائنٽن تي بند ٿي، هڪ موقعي تي انڊيڪس 4947 پوائنٽن جي اضافي سان 99549 پوائنٽن واري بلندي کي به ڇهي ورتو هو، ڪالهه 39 ارب جي ماليت جا هڪ ارب 5 ڪروڙ شيئر وڪرو ٿيا، ڪالهه مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 500 ارب جي واڌ سان 12577 اربن تي بند ٿي.