سياسي صورتحال: صدر زرداري سان وڏي وزير جي ملاقات

0
36
سياسي صورتحال: صدر زرداري سان وڏي وزير جي ملاقات
سياسي صورتحال: صدر زرداري سان وڏي وزير جي ملاقات

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملڪ جي صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد شاهه ملاقات ڪري صوبي جي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني، صدر آصف علي زرداري عوام جي ڀلائي وارا منصوبا جلد مڪمل ڪري سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڪالهه بلاول هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ سنڌ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، وڏي وزير صدر آصف علي زرداري کي صوبي جي سياسي صورتحال ۽ جاري ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني، ملاقات ۾ صدر آصف علي زرداري عوامي ڀلائي لاءِ جاري منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سنڌ جي ترقي، خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن ته جيئن صوبي جي عوام کي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿي سگهي.