سياسي سماچار

0
26
سياسي سماچار

 عالمي، علائقائي ۽ لوڪل سياست ۾ ھاڻي اھا جنس ان مقدار ۾ موجود ناھي، جن کي “سرخو” سڏيو ويندو آھي. ھو جيڪي “ڪوائلٽي ۽ ڪوائنٽٽي” يعني “مقدار ۽ معيار” جي مباحثي نظرياتي حوالي سان نهن جيترو به ڪمپرومائيز نه ڪندا ھئا. ھو جيڪي چوندا ھئا “ٿورا ھجن پر ڀلا ھجن”. ھو جيڪي نعرو ھڻندا ھئا ته “سموري دنيا جا مزدورو متحد ٿي وڃو” پر پاڻ ۾ ڪڏھن به اتحاد نه ڪندا ھئا. ھو جيڪي پراڻو ڪوٽ پائيندا ھئا پر نئون ڪتاب پڙھندا ھئا. ھو جيڪي علم جا عاشق ۽ عوام جا نظرياتي نگھبان ھئا. ھو جيڪي ذات پات ۽ خون توڙي خاندان کي تاريخ جي تناظر ۾ پيش ڪري سوال پڇڻ واري کي ششدر ڪري ڇڏيندا ھئا. ھو جيڪي سياست کي اقتدار تائين پھچڻ جي ڏاڪڻ نه پر انقلاب ماڻڻ واري منزل سمجھندا ھئا. ھو جيڪي فل فخر ۽ اندر جي اڏول اعتماد سان فيض جو اھو شعر پڙھندا ھئا:

”ڪٽتي ڀي چلو، بڙھتي ڀي چلو

بازو ڀي بهت ھين سر ڀي بهت

چلتي ڀي چلو ڪه اب ڊيري

منزل په ھي ڊالي جائين گي“

ان عجيب غريب سياسي مخلوق جون ڳالھيون سمجھ ۾ نه اچڻ باوجود وڏي چس ۽ رس واريون ضرور محسوس ٿينديون ھيون.

ھو جيڪي پنهنجي ملڪ جي سياست جو تجزيو ڪرڻ جي ابتدا عالمي سياسي صورتحال کان ڪندا ھئا ۽ انٽرنيٽ جي عدم موجودگيءَ واري دور ۾ انهن جي ڄاڻ “گوگل” کان گھٽ نه ھوندي ھئي. ھو (سابق) سوويت يونين جو سرسري ذڪر ڪري آمريڪا جا عالمي عمل ۽ ارادا بحث جو موضوع بڻائيندا ھئا. ھو جيڪي آمريڪي رياست اندر مسڪين ماڻھن جي مظلوميت جا قصا انگن اکرن سان بيان ڪندا ھئا ۽ اھو به سمجھائيندا ويندا ھئا ته سي آءِ اي ڪيترا ڊالر صرف دنيا جي ملڪن ۾ سوشلسٽ ملڪن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ سوشلسٽ تحريڪن کي ناڪام ڪرڻ ۾ ضايع ڪري رھيو آھي. انهن جو سياسي تجزيو دنيا جو سرسري سير ڪرڻ بعد پاڪستان پھچندو ھو ۽ انهن جي ايتري ساري ڄاڻ ۽ ڄاڙي ڪنهن ڄار کان گھٽ نه ھوندي ھئي، جنهن ۾ ڦاٿل ڦٿڪڻ جي لاءِ پاڻ ۾ ايترو ٻل محسوس نه ڪندو ھو. ھو جيڪو وات ڦاڙي صرف ٻڌندو ويندو ھو. ھن کي آخر ۾ اھو اطلاع ڏنو ويندو ھو ته انقلاب ملڪ جي سرحد تي ڪر ساھي رھيو آھي.

سياست جو اھو طبقاتي تجزيو غلط ھو يا درست؟ پر اھو گھٽ ۾ گھٽ ان شور شرابي کان لکين ڀيرا لاکيڻو ھو، جيڪو اڄ ڪلھ پنجاب جا پرو- اسٽيبلشمينٽ ۽ اينٽي اسٽيبلشمينٽ اينڪر پنهنجن يوٽيوب چينلن تي ڏينهن رات جاري رکي ويٺا آھن. انهن کي پاڪستان جي ڏيوالي کان وڌيڪ ڏر ۽ خوف ان “باھ واري ڀت” يعني (Fire Wall)  جو آھي، جيڪي انهن جي ڌنڌي کي ڌوڙ ڪرڻ لاءِ بقول سندن تيزيءَ سان مرحلا عبور ڪري رھي آھي. اھي سرخا جيڪي زماني جي گردش سبب گلابي ٿي ويا، انهن به ڪٿي ڪٿي پنهنجا يوٽيوب چينل کوليا ته آھن پر انهن جو انداز به اڳ جھڙو ناھي. جيڪڏھن ھجي ھا اسان کي سرخن وارو سياسي سماچار ٻڌي گھٽ ۾ گھٽ عالمي توڙي علائقائي سطح تي ڪو مختلف موقف ته ٻڌڻ ۾ اچي ھا! ھن وقت ته پاڪستان جي سوشل ميڊيا عمران جي حامين ۽ عمران خان مخالفن ۾ وچ ۾ ھڪ اھڙي جنگ جي صورت اختيار ڪري چڪي آھي، جنهن ۾ ھر ڌر پنهنجي ھمت جي آڌار تي گارين جا پرنالا وھائي رھي آھي. جڏھن ته عالمي سطح تي ڇا پيو ٿئي؟ ڇا ٿيندو؟ ڇا ٿي سگھي ٿو؟ ان باري ڪو “ڇوٽو سو وقفو” وٺي به نه ٿو ڳالھائي؟

ڇا اھو موضوع اھم ناھي ته آمريڪا ۾ ھن ڀيري ٽرمپ سموريون قانوني ڪوڙڪيون ٽوڙي جھڙي طرح صدارتي چونڊن ۾ ذاتي طور ٻيون ڀيرو ۽ آمريڪا جو 47 دفعو صدر ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، ان مان ھن جي ڪاميابيءَ جو بنياد موجوده صدر جو بائڊن جي ڪمزور صحت ۽ ڪراڙي ڄمار جي مٿان چڙھت تي رکيل آھي؟ اھا پڻ ھڪ سراسر ناجائز ۽ افسوسناڪ صورتحال آھي. جيڪڏھن آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جي اھا مرضي نه ھئي ته ڪو قانون جا پنجوڙ ٽوڙي ٽرمپ وائيٽ ھائوس ۾ پھريان کان وڌيڪ پاور فل طرح سان داخل ٿئي ته ھو ٽرمپ جي آڏو ھڪ اھڙو اميدوار آڻي ٿي سگھيا، جنهن جي آڏو ڊونالڊ ٽرمپ جي بولتي بند ٿي وڃي ھا. اھو ممڪن ھو. ھاڻي به آھي. جيڪڏھن آمريڪي رياست جا فيصلا ساز ادارا چونڊن جي پوئين موڙ تي به بائڊن بدران ڊيموڪريٽس کي ڪو مضبوط ۽ جسماني توڙي لساني طور تي جوان جماڻ ۽ تڪڙو بلڪه صفا سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪا ست واتي بلا آڻي ٽرمپ آڏو بيهارين ته ھن جو سمورو اڊمبر ۽ اوڇو رويو ھوا ٿي ويندو. جيڪڏھن آمريڪي اسٽيبلشمينٽ چاھي ته پنهنجي ملڪ کي پھرين خاتون صدر ڏيڻ جي سلسلي ۾ ھليري ڪلنٽن جي ھار بعد اھو ذمو مشعل اوباما جي مضبوط ڪلھن تي رکن ھا ۽ ھن کي اليڪشن مھم ۾ ميڊونا کان وٺي اينجيلا ڊيوس تائين آمريڪا جي وڏن وارن واري دماغي ڪمانڊو جي ٽيم ڏئي ھا ته ٽرمپ ان واءُ ۾ ڪک پن بڻجي اڏامي وڃي ھا.

آمريڪا ھڪ اھڙي ڏيئي جھڙو ملڪ ٿي ويو آھي، جنهن جي پنهنجي ھيٺان اونداھي آھي. آمريڪا جي نظر ھن وقت به ايران جي انهن صدارتي چونڊن تي آھي، جنهن ۾ ھن جي صرف خواھش جي حد تي نه پر عملي ڪوشش به شامل آھي ته ابراھيم رئيسيءَ جي جاءِ تي مسعود پزشڪيان جھڙو شخص چونڊجي اچي، جيڪو عام تي اولھ سان ۽ خاص طور تي آمريڪا سان پنهنجي ملڪ جا تر سڌا ڪري. جيڪو اسرائيل جي لاءِ اھڙو خطرو نه بڻجي، جھڙو سپريم نيشنل سڪيورٽي ڪائونسل جو اڳوڻو جنرل سيڪريٽري ۽ جوھري مذڪرات ۾ ھڪ ھوشيار ذھن جو مالڪ ھجڻ سان گڏ ايران جي موجوده اسٽيبلشمينٽ جي اعتماد وارو ھمراھ آھي. ڇا آمريڪا جي چاھت ايران جي چونڊن ۾ ڪو اھم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي؟آمريڪا ته ان روس جو به وار ونگو نه ڪري سگھيو، جنهن جي لاءِ يوڪرين افغانستان ثابت نه ٿيو. آمريڪا ته چين کي روس جي طرفداري ڪرڻ کان روڪي نه سگھيو. آمريڪا ته پيوٽن جو اتر ڪوريا ۾ تاريخي آڌرڀاءُ ڏسڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه ڪري سگھيو. آمريڪا صرف ۽ صرف پاڪستان جي سلسلي ۾ پنهنجا خدشا بيان ڪري سگھي ٿو ۽ پاڪستان جي چين نواز پاليسيءَ آڏو 8 فيبروريءَ تي ٿيل اليڪشن تي پنهنجا اعتراض بيان ڪري سگھي ٿو. جڏھن ته پاڪستان ۾ موجود حڪومت ماضيءَ واري امداد ۽ غيرمشروط قرض نه ملڻ جي توائيءَ سبب آمريڪا جي اھڙي اظھار کي پاڪستان جي داخلي معاملن ۾ مداخلت قرار ڏيڻ کان سواءِ پنهنجن چرب زبان چھيتن اينڪرن کان آمريڪي اليڪشن مٿان طنز جا زباني تير ھلرائڻ تائين محدود رھڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ڪري نه ٿي سگھي.ڀارت ۾ ھن ڀيري جنتا جاڳي جھڙي طرح جمھور جي طاقت سان موديءَ کي شرمناڪ جيت سان ھمڪنار ڪيو آھي ۽ ڀارت ۾ جھڙي ريت ڏھن سالن کان پوءِ گانڌي فيملي اپوزيشن تائين پھچڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آھي، ان سلسلي ۾ ڇا ھڪ به مبارڪ ڀريو بيان انهن انسانن جو حق نه ھو، جن سيڪيولر قدرن جي ملياميٽ ڪري ڀارت کي شائونسٽ ھندو ملڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪندڙ موديءَ کي جمھوري ملھ ايترو مات ڪيو آھي، ھو اڪيلي سر حڪومت جوڙي نه ٿو سگھي. نريندر موديءَ جي ڪنڌ مان ڪلي ڪڍڻ لاءِ جيتري محنت راھل گانڌي ڪئي آھي، ايتري محنت ھن جي ناني کان پوءِ ڪانگريس پارٽيءَ جي ڪنهن نيتا ورلي ڪئي ھجي. ڇو ته “ڀارت جوڙو ياترا” ڪا معمولي مھم نه ھئي. موديءَ پنهنجا مخالف مات ڪرڻ جي لاءِ جھڙي طرح اروند ڪجريوال کي جيل حوالي ڪرايو ۽ ھن جي عام آدمي پارٽيءَ جي خاص اڳواڻن مٿان قانوني قھر ڪڙڪايا. ھن جھڙي طرح ڀارت جي ميڊيا جو مخصوص انداز سان گلو گھٽي ڇڏيو. ھن جھڙي ريت ڪشمير جي نالي ماتر آئيني حيثيت کي به ڪچلي ختم ڪري ڇڏيو. ھن جيئن ڀارت ۾ پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ قومن مٿان ظلم ڪيو ۽ سک اڳواڻن کي ڪينيڊا ۽ آمريڪا تائين ڳولي ڳولي قتل ڪرايو. ڇا اھو سڀ ڪجھ اھڙو نه ھو، جنهن سبب نريندر موديءَ جي نندا ٿيڻ کپندي ھئي؟

پاڪستان ھن وقت گھڻ طرفن بحرانن جي گھيري ۾ آھي. پاڪستان کي پھريون ڀيرو چين جي واتان سرعام اھو ڪجھ ٻڌڻو پيو، جيڪو اڳ ۾ سس پس واري انداز ۾ اظھاريو ويندو ھو. پاڪستان ڀوٽان ناھي. سريلنڪا، نيپال ۽ ميانمار به ناھي. پاڪستان ھڪ اھم ملڪ آھي. پاڪستان کي دنيا جون طاقتون ناراض ته ڪري سگھن ٿيون پر نظراندز ڪري نه ٿيون سگھن. پاڪستان ھڪ اھڙو ملڪ آھي، جيڪو ٻه ٽڪر ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي اسٽريٽيجڪ حيثيت وڃائي نه سگھيو آھي. پاڪستان پوري دنيا ۾ نه ته گھٽ ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ ھڪ اھم ۽ آسودو ملڪ ٿي سگھي ٿو. ھن ملڪ جي سلسلي ۾ ھن جا مخالف به مڃين ٿا ته پاڪستان ۾ اھو پوٽينشل (Potential) موجود آھي، جيڪو ملڪن کي مٿي کڻي سگھي ٿو. پر اصل مسئلو ان اقتداري ڇڪتاڻ جو آھي، جيڪا پھرين ڏينهن کان وٺي پاڪستان جي حصي ۾ آئي آھي. اقتدار ۽ اختيار جي اھا ڇڪتاڻ ھن وقت به پنهنجي پوري جوڀن تي آھي. جيتوڻيڪ پاڪستان وٽ قرض کان سواءِ ملازمن کي پگھارون ڏيڻ جيترا پئسا ناھن پر ان جي باوجود به سڃ تي سيٽ ڪندڙن جي ڪنڌن مان ڪليون نڪرڻ جو نالو نه ٿيون وٺن.پاڪستان ھڪ آزاد ملڪ ھوندي به پنهنجي عوام کي سياسي، سماجي ۽ اھي اقتصادي آزاديون ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناھي، جيڪي امن امان جي قابل اعتبار صورتحال سان مڪمل طور تي مشروط ھونديون آھن. جڏھن آزادي پنهنجي اصل روپ سروپ ۾ نه ھوندي آھي، تڏھن سياسي اڳواڻ سياسي ليول پليئنگ فيلڊ ۽ عدالتن جا جج انصاف گھرندا نظر ايندا آھن. جڏھن ته پنهنجو شرمسار شرم لڪائڻ جي لاءِ عيار سياستدان چرب زبان صحافين سان ملي پنهنجن عيبن جي ڍڪڻ جي لاءِ نوان لفظ ٺاھيندا ۽ محاورا تراشيندا آھن.

ڪاش! سنڌ جي ادبي صحرا ۾ ٽڙيل ان گل جي ھن خوشبو جھڙي شاعريءَ مان ڪو شعور حاصل ڪري:

”لڄ جيان ڪا ناھي لوئي

ڪوڙ وٽان جنهن وقت به ڪوئي

پنهنجو پاند ڪري ٿو آجو

ان کي ٿئي پڇتاءُ ته ڇاجو؟“