سياسي جماعتون سنڌ ۾ موجود غير قانوني پرڏيهين جي سرپرستي نه ڪن: حارث نواز

0
121

ڪراچي: صوبائي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته سياسي جماعتون سنڌ ۾ موجود غير قانوني پرڏيهين جي سرپرستي نه ڪن

هن چيو ته  غير قانوني پرڏيهين جي سرپرستي جو مطلب ملڪ جي خلاف ڪم ڪرڻ برابر آهي، سنڌ ۾ آپريشن رڳو غير قانوني افغانين نه پر بنگالين ۽ انڊينز سميت سمورن غير قانوني پرڏيهين خلاف هلي رهيو آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران حارث نواز چيو ته غير قانوني پرڏيهين خلاف سموري ڊيٽا گڏ ڪئي وئي آهي، قانون طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿيندي

هن چيو ته غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين کي پهرين نومبر تائين نڪري وڃڻ جي مهلت ڏني اٿئون، غير قانوني ماڻهن کي پڪڙي بلوچستان ۽ سمنڊ رستي سندن ملڪن ڏانهن اماڻينداسين

هي به پڙهندا

روپوش جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ نه ٿيڻ تي ڪاوڙ، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي چئن هفتن جي مهلت