سياسي جماعتن جي پاليسين کان ناراض اڳواڻن پاران عوامي مسئلن جي حل لاءِ غير جماعتي فورم ٺاهڻ جو اعلان

0
122

ڪراچي:سياسي جماعتن جي پاليسين کان ناراض اڳواڻن پاران عوامي مسئلن جي حل لاءِ غير جماعتي فورم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان، مفتاح اسماعيل، مصطفيٰ نواز کوکر ۽ لشڪري رئيساڻي ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس دوران غير جماعتي فورم قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو

چئني اڳواڻن چيو ته صوبن کي سندن حق ڏيڻا پوندا، ارڙهين ترميم تحت صوبن کي ملندڙ اختيار ۽ وسيلا ضلعن تائين منتقل ٿيڻ گهرجن، اڳواڻن پاران گوادر جي حق ڏيو تحريڪ جي گرفتار ڪيل اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو

شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته انهن سڀني مسئلن جي ڳالهائڻ لاءِ هڪ فورم رکيو آهي جنهن جي شروعات ڪوئيٽا کان ٿي آهي، حقيقتون اهي ناهن جيڪي ڏيکاريون وڃن ٿيون يا اخبارن ۾ ٻڌايون وينديون آهن

اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته هن وقت ملڪ کي سياسي استحڪام جي شديد ضرورت آهي، معيشت، سياست ۽ ٻين مسئلن جو حل آئين ۾ موجود آهي، جيڪي خرابيون 10 کان 20 سالن ۾ پيدا ٿيون اهي 8 مهينن ۾ ٺيڪ نٿيون ٿي سگهن، موجوده مسئلن جا ذميوار سياستدان، فوجي، بيورو ڪريٽ ۽ ميڊيا سڀ اسان آهيون، عدليه به ان فيصلن کي ڏسي جنهن جا اثر ملڪ تي پيا

هن جو چوڻ هو ته ملڪ جون حقيقتون تلخ آهن، پاڪستان وٽ مسئلن جو ڪو به معجزاتي حل نه آهي، جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته ملڪي مسئلا حل ٿين ته اسان کي سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي ملڪي مفادن کي نظر ۾ رکندي آئين جي مطابق سمورا فيصلا ڪرڻا پوندا

هي به پڙهندا

جماعت اسلامي ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر آڻڻ لاءِ تحريڪ انصاف کان حمايت گهري ورتي