اسلام آباد (م ڊ) وزير اطلاعات مريم اورنگزيب عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي، سياسي ۽ آئيني بحران جو ذميوار عمران خان آهي، هن چيو ته جيڪو به عمران جو سهولتڪار آهي اهو قوم جو ڏوهي آهي. هن چيو ته 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن به ختم ٿيڻي هئي، هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر به ملڻا هئا، هاڻي عمران جي فراڊ ۽ ڪوڙ جو وقت ختم ٿي چڪو آهي.