باڊھه(ن پ ا) ادب ۾ سوال ڇڏڻ وارا اسم دلچسپ آھن جيڪي ويچار ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا. اھڙا ويچار سنڌي ادبي سنگت شاخ باڊھه جي ھفتيوار گڏجاڻيءَ ۾ قلمڪارن ونڊيا.  قربان علي پنھور جي صدارت ھيٺ گڏجاڻيءَ ۾ ھنن چيو ته بحث ڇيڙڻ سان فڪر جو سفر اڳتي وڌي ٿو ۽ ان ۾ شاھوڪاري اچي ٿي. شاعري توڙي نثر بلڪ سياست ۾ سوال ڪرڻ  کان سواءِ تبديلي اچڻ ممڪن ناھي. اھل اديبن جي مڃتا گھٽ ٿئي ٿي ۽ ادب پڙھڻ جو جذبو به اديبن جي اميدن کان گھٽ نظر اچي ٿو. سارنگ امر جي غزل ۽ هوش محمد ڀٽي جي ناول “ارڌ ناري” جي يارھين قسط  بابت ويچار ونڊيندي چيو ويو ته عوام ۾ جيڪو ڪجھ اڪثر زبان زد آھي سو ڏند ڪٿائن جيان ۽ جديد دور ۾ ناقابل قبول آھي جيستائين تحقيق ذريعي ان جو سچ نه ٿو ظاھر ٿئي. ان دوران اھو به چيو ويو ته سرڪاري اديبن کي گھرجي ته غريب بي پھچ پر اھل اديبن جا ڪتاب ڇپيا وڃن. ان  موقعي تي ويچار ونڊيندڙن ۾  علي رضا نوناري، اقبال کوکر، سفير ڪنڀر، اڪبر آزاد ھيسباڻي، ذوالفقار علي ڪانڌڙو شامل ھئا.