ڪراچي(م ڊ) پاڪستان جي سياست ۾ هڪ وڌيڪ نوجوان ڀٽو جي انٽري ٿي آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر سياست ۾ اچڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪئنال زندگي ۽ موت جو مسئلو آهن، ستل حڪومت نيٺ ڪئنالن واري معاملي تي جاڳي پئي، سنڌ ۾ پاڻي نه هوندو ته نه صرف انسان پر جنگلي ۽ آبي حيات مري ويندا، ثقافتي نسل ڪشي ٿيندي، وائلڊ لائيف جو به ۽ انسانيت جو به، خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ذوالفقار جونيئر چيو ته سڄي سنڌ ۾ ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، اسڪولي ٻارڙا به روڊن رستن تي آهن، سياست ۾ قدم رکڻ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون نئون ديرو ۾ اعلان ڪيو هو ته سياست ۾ اچڻ جو ارادو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جو شهيد ڀٽو گروپ آهي، جيڪو منهنجي بابا ٺاهيو هو جيڪو اڃا تائين موجود آهي، اميد آهي ته اسين ان جي قيادت ڪنداسين. ذوالفقار جونيئر وڌيڪ چيو ته مون کي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن مان گهڻو ڪجهه سکڻو آهي، مون کي نٿو لڳي ته آئون ڪو سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿو، سياست ۾ اچڻ جي تياري ڪري رهيو آهيان.