سياست کي تشدد ۽ انتقام کان پري رکو

0
142
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

پاڪستان جي سياست ڪجهه وقت کان وٺي اهڙي پاسي هلي پئي آهي جنهن واٽ کي بدنصيبي ڪوٺجي ته غلط نه ٿيندو. ان ۾ تشدد، انتقام،گندگي،غلاظت ۽ مخالفن جو احترام نه ڪرڻ واريون روايتون شامل ٿي ويون آهن.نه ته سياست جو نالو ئي شائستگي ،مخالف جي ڳالهه ٻڌڻ،مخالفت کي برداشت ڪرڻ ،پنهنجي ڳالهه دليل سان رکڻ جو آهي باقي پوءِ عوام جو فيصلو آهي ته اهو ڪنهن جي ڳالهه کي اهميت ۽ مڃتا ٿو ڏئي.سياسي ماڻهن جي نصيبن ۾ جيل،ٿاڻا،گرفتاريون،ڪوڙا ايستائين جو ڦاهيون به اينديون رهيون آهن پر انهن مان اڪثريت ڪڏهن به تشدد يا انتقام جي واٽ نه ورتي آهي. ان جو اهو مطلب ناهي ته ڪو سياسي ڪارڪنن خلاف انتقامي ڪاررواين تي ماٺ رهجي پر ان جو اهو مطلب به ناهي ته تشدد جي واٽ وٺجي. پر هاڻي لڳي ايئن رهيو آهي ته اسان جي سياست ۾ اهي شيون شامل ٿي رهيون آهن جن جو سبب پارٽي ڪارڪنن ايستائين جو چونڊيل نمائندن جي تربيت تي به ڌيان نه ڏيڻ آهي جو جنهن کي جيڪو وڻي ٿو اهو چئي ٿو ڇڏي. انهي ۾ واڌارو تڏهن آيو آهي جڏهن کان سوشل ميڊيا جو دور آيو آهي جيتوڻيڪ سوشل ميڊيا جا الاهي ۽ گهڻا مثبت پاسا آهن پر انهي جو ناڪاري استعمال به ٿي رهيو آهي، اهو ڏوهه سوشل ميڊيا جو نه آهي پر انهن پارٽين جو آهي جيڪي پنهنجي ڪارڪنن کي اهو پليٽ فارم مثبت نموني استعمال ڪرڻ جي هدايت نه ٿا ڪن، ڪارڪنن يا اڳواڻن طرفان ٿيندڙ ڳالهيون يا ردعمل بحرحال انهي پارٽي جي قيادت جي ذميواري آهي جيڪي کين پنهنجي پارٽي لاءِ استعمال ڪن ٿا.

سياسي ڪارڪنن خلاف سياسي انتقام گهڻو ڪري آمريتن جي دور ۾ ٿيندو رهيو آهي پر اهي سياسي پارٽيون انهي دور ۾ به  آئين ۽ قانون جي واٽ ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيون پر هاڻي ويجهڙ ۾ ڪجهه اهڙا بيان سامهون آيا آهن جن جي ڪنهن به ريت حمايت نه ٿي ڪري سگهجي بلڪه اهو سياست ۾ تشدد کي هٿي وٺرائڻ جو سبب بنجي رهيا آهن،ڪجهه وقت اڳ اڳوڻي حڪومت جي ٻن وفاقي وزيرن بيان ڏنا جن جو مطلب اهو هو ته سندن دل چئي ٿي ته هو  مخالفن خلاف خودڪش حملو ڪن. جنهن جي ان وقت هر هنڌ کان مذمت ڪئي وئي ته سياسي مخالفت کي ذاتي دشمني ۾ ڇو پيو تبديل ڪيو وڃي .هاڻي وري پي ٽي آءِ سربراهه جي امڪاني گرفتاري جون ڳالهيون شروع ٿيون آهن ته پي ٽي آءِ جي هڪ چونڊيل ايم اين اي اها ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو ته هو انهن تي خودڪش حملو ڪندو. هي ڪهڙي سياست آهي جيڪا ملڪي قانون جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ   جهنگ جي قانون ڏانهن ڪاهيندي پئي وڃي. ڪنهن به ريت ڪنهن سياسي اڳواڻ خلاف  انتقامي ڪارروائي جي حمايت نه ٿي ڪري سگهجي پر جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ٿئي ٿو ته ان لاءِ ملڪي عدالتون، قانون موجود آهن انهي گرفتاري کي اتي چئلينج ڪري سگهجي ٿو. جڏهن چونڊيل ايم اين اي جي وات مان اهڙي ڳالهه نڪري ته انهي جو مطلب اهو ئي ٿيو ته قانون ساز اسيمبلي جي ميمبر کي پاڻ ئي انهي قانون تي اعتماد ناهي جيڪو ٺاهي هو سڄي ملڪ جي عوام تي لاڳو ڪن ٿا ته باقي عام خلق کي هو ڪهڙو سبق ڏيندا ته هو قانون جو احترام ڪن.

اسان سمجهون ٿا ته چونڊيل ايم اين اي جو اهڙو بيان نه رڳو مناسب ناهي پر اهو دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿو ۽ اها کلم کلا ملڪي آئين ۽ قانون جي لتاڙ آهي ،تنهن ڪري سياسي ڌرين کي پنهنجي سياسي معاملن لاءِ عوام ۽ ملڪ کي انهي پاسي نه ڌڪڻ گهرجي جتي ڪنهن به قانون ۽ ڪنهن به آئين جو احترام نه هجي جيڪو ڪنهن به ريت ڪنهن جي به فائدي ۾ ناهي.