سياست جي ڳاڙهي بازار

0
34
سياست جي ڳاڙهي بازار

 هِنَ جو جنم سياست جي ڳاڙهي بازار ۾ ٿيو. سياست، جيڪا (اسان جي ملڪ ۾) مُومل جي ماڙِيءَ ۾ کُوههَ جي مٿان رکيل کَٽَ آهي. مُومل سان مجاز جي راند رهندڙ، سياست جي ڪاڪَ جا راڻا، سُومل جو آپشن به کُليل رکندا آهن. مُومل نه ملي ته سُومل ئي سهي، باقي عوام ته اُنهن لاءِ آهي ئي ‘سيڪس ڊول’ وانگر. هُو، جنهن جو پاڻ ذِڪر پيا ڪريون، اُهو هن وقت سُرخ گُلابن سان کيڏڻ جي وهيءَ ۾ آهي، پر هُو سمجهي ٿو ته سندس عُمر گُڏين سان کيڏڻ جي آهي، جڏهن ته سندس بابا جو چوڻ آهي ته، ڇوڪرا گُڏين سان راند ناهن کيڏندا، ڇوڪرا سياست ڪندا آهن. سياست ڪندي جڏهن اُهي گُڏا بڻجي ويندا آهن ته اُنهن کي تخت ملندو آهي، ۽ تخت مُومل جي ماڙِيءَ ۾ کُوههَ مٿان رکيل کَٽَ وانگر آهي. (سندس پِيءُ صحيح ٿو چوي ته، ڇوڪرا گُڏين سان راند ناهن ڪندا…..ها، هتي جُنگ جوان ۽ پوڙها پَڪا گُڏين سان راند ڪندا آهن ۽ راند ختم ٿيندي ئي گُڏين جا لاشَ گٽر ۾ اُڇلائي ڇڏيندا آهن).

                 سياست جو اتالِيق بيرم خان، هن ڀيري همايون جي پُٽَ اڪبر عُمرڪوٽي کي نه پر پنهنجي پُٽَ کي تخت تي ويهارڻ ٿو چاهي. آمر ايوب ته پنجاب جا ٽي درياهه وڪرو ڪيا هُئا پر هِي ته اُهو سُپت سِنڌو وِڪڻڻ ٿو چاهي، جنهن جي ڪَنڌين تي ويدَ سِرجيا هُئا. هِي اهو سُرَ جي سَين هڻندڙ ٻِيجل ناهي، جنهن جُهوناڳڙهه جي بادشاهي ٺُڪرائي، سِر ورتو هو، پر هِي اُهو ‘فنڪار’ آهي، جيڪو ‘سِر’ تي سودو ڪري بادشاهي وٺڻ ٿو چاهي. سياست جي ڳاڙهي بازار ۾ ائين ئي ٿيندو آهي.