دادو/ڪڪڙ(نمائندن وٽان) پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو دادو ڀرسان ڦلجي وليج پهتو، جتي پارٽي اڳواڻن ، ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻن پاران شاندار استقبال ڪيو ، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياء مان ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين ، سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ ڪري لکين ايڪڙ زمين غير آباد پيل آهي ، ڪئنال ڪڍڻ سان سڄي سنڌ بنجر بڻجي ويندي ، ان لاء هاڻي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ درياء تي ڪو به ڪئنال برداشت نه ڪندو، مان سياست جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جهر جهنگ سنڌ عوام پهچي کين بيدار ڪري طاقتور جدوجهد جو آغار ڪيو ويندو، مان دادو ايندو ويندو آهيان ، ٻن هفتن اندر دادو ۾ پروگرام ڪندس توهان سڀ شرڪت ڪجو ڇو ته توهان منهنجا ۽ مان توهانجو آهيان. هن چيو ته سنڌو دريا اسان لا زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي سنڌ جي پاڻي تي ڪنھن ب صورت ۾ ڌاڙو برداشت ن ڪنداسين سنڌي عوام لاء جدوجھد جاري رھندي سنڌو درياء مٿان ڪوبه ڪئنال قبول ناهي هنن چيو ته دريا بچائڻ لا هر قسم جي قرباني ڏيڻ لا تيار آهيون اسان سرن سان ڪفن ٻڌي چڪا آهيون اسين سنڌي عوام سان گڏ آھيون وفاق کي فورن ڪئنالن وارو فيصلو واپس ورتو وڃي. ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار ڀٽو ، پ پ شهيد ڀٽو دادو جي اڳواڻ بخشل خان جمالي سان سندس ڀاء عبدالنبي جمالي جي وفات تي تعزيت ڪئي ، ان موقعي تي غلام نبي جمالي ، يونس جمالي ، زين گهلو ، صمند عباسي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.