مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي لڳ واڻڪي وسي ۾ عوامي ورڪرس پارٽي ضلع حيدر آباد، سنڌ ھاري پورھيت ڪاميٽي، ناري جمھوري محاذ واڻڪي وسي طرفان سنڌ جي جاکوڙي انقلابي ھاري  ڪارڪنن ڪامريڊ دادا علي بخش ۽ ڪامريڊ غلام حسين لغاري جي ياد ۾ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. ڪاروائي  ڪامريڊ ڪبرا لغاري ھلائي. ھاري اڳواڻ ڪامريڊ افضل لغاري  آجياڻو پيش ڪيو. پورھيت مزاحمت تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري  نثار لغاري، نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري، کاھوڙي صحافي اسحاق مڱرئي، قاضي علي نواز نظاماڻي، ڪامريڊ لطيف لغاري، ڪامريڊ بخشل ٿلھي، سنڌ ھاري پورھيت سنگت جي اڳواڻ ڪامريڊ فيض ڪيرئي ۽ اظھر پٺاڻ ھاري اڳواڻن جي سياسي جدوجھدن سڄي عمر ھارين مزدورن جي حقن لاءِ ويڙھ ۾ گذارڻ تي تفصيلي روشني وڌي. اڳواڻن چيو ته ڪامريڊ غلام حسين لغاري ۽ دادا علي بخش حوصلي ۽ عزم جا  مثالي ڪردار هئا هنن جي مظلومن لاءِ ڪيل جدوجهد هميشه ياد رکي ويندي. پورهيت طبقي جي سياست جو مستقبل روشن آھي. انقلابي سياست هاڻ اڳواڻي ڪندي  هارين مزدورن کي طبقاتي سياست ۾ ويساهه ڪري اڳڀرو ٿيڻ گهرجي.