سياست جي ‘انٽري گيٽ’ جي ڪُنجي ڪنهن وٽ آهي؟

0
63

پروفيسر منصور جتوئي

 جڏهن به اليڪشن ويجهي ايندي آهي يا وري اليڪشن مهم جي حوالي سان سياسي ڌريون جلسا ڪنديون آهن يا ڪارنر ميٽنگن جو انعقاد ٿيندو آهي ته سياستدانن کي انهن سرگرمين کان روڪڻ جي لاءِ يا انهن کي خوفزده ڪرڻ لاءِ ڌماڪا ڪيا ويندا آهن، جيئن 2007ع ۾ چونڊ مهم دوران پيپلز پارٽي ۽ ٻين ڌرين کي ڌماڪن ذريعي خوفزده ڪيو ويو، ڪارساز وٽ ڌماڪو ڪري وڏو جاني نقصان ڪيو ويو ۽ جڏهن ان دٻاءَ کي به ليکي ۾ نه آندو ويو ته محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري رستي تان هٽايو ويو. هڪ وڏو قهرام برپا ڪيو ويو، ملڪ عدم استحڪام جي ور چڙهي ويو ۽ ان سانحي تي پنجاب کي سنڌ سان تعزيت ڪرڻ گهرجي ها پر ائين نه ڪيو ويو، ان وقت پنجاب جا حاڪم، چوڌري ويتر وڍ ڏيندڙ بيان ڏيندا رهيا، سنڌ کي اڪيلو ڪيو ويو ۽ اڪيلي ئي تعزيتون وصول ڪندي رهي. شايد ئي ڪو گهر هجي، سنڌ ۾ جتي محترما جي شهادت تي تڏو وڇايل نه هجي. سنڌ سوڳوار هئي پر پنجاب جي حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي منهن تي غم ته پري جي ڳالهه، ڳڻتيءَ جي به ڪا ريکا نه هئي. ويتر پنجاب جي چوڌري حڪمرانن، ميڊيا تي اشتهار هلارائي غليظ پروپيگنڊا ڪئي ۽ ڏکويل سنڌ کي وڌيڪ ڏکوئيو. صرف پ پ پ ئي انهن قوتن جو هدف نه رهي، ٻيون سياسي پارٽيون به دهشتگرديءَ جي نشاني تي رهيون. مختلف وقتن تي اي اين پي ۽ ٻيون ڌريون به دهشتگردن جو نشانو بڻجنديون رهيون آهن. جمعيت العلماءِ اسلام (ف) به دهشتگرديءَ جي نشاني تي رهي آهي. ڪالهه پي ڊي ايم جي ترجمان ۽ جي يو آءِ جي مرڪزي اڳواڻ جي قافلي تي مستونگ بلوچستان ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ حافظ حمدالله سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. حافظ حمد الله جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي وڃي ٿي. ان کان اڳ ۾ به هلندڙ سال جي جولاءِ مهيني ۾ باجوڙ ۾ جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪو ٿيو هو، جنهن ۾ 50 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته زخمين جو تعداد 100 کان وڌيڪ هو. توڙي جو هيستائين ڪنهن به ڌر باجوڙ ڌماڪي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي پر هن کان اڳ جي يو آءِ تي ڌماڪن جي ذميواري داعش خراسان گروپ قبوليندو رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان ۾ داعش جي هڪ ويڙهاڪ جي فورسز هٿان مارجڻ جون خبرون آيون هيون. ان مان اها ڳالهه واضح ٿي ٿئي ته اهي سمورا دهشتگرد گروپ هتي آپريٽ پيا ڪن، انهن خلاف ڪا وڏي ۽ فيصلائتي ويڙهه نه ڪئي وئي آهي. هر ڀيري حڪومتي بيان هوندا آهن ته دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، پر اهڙي صورتحال نظر نٿي اچي. ڪالهوڪي مستونگ واري ڌماڪي سبب سخت حفاظتي اپائن وارن حڪومتي بيانن جا پول پڌرا ٿي ويا آهن.

ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو راڪاس بي قابو آهي. روز دهشتگرديءَ جو ڪو نه ڪو واقعو اهو پيغام کڻي ٿو اچي ته معاشي ۽ سياسي بحران ۾ ڦاٿل هن ملڪ ۾ سيڪيورٽي جو بحران پڻ آهي. اصل حڪمران آخر اهو ڇو سمجهڻ لاءِ تيار نه آهن ته، ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه ٺيڪ نه آهي. دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪرڻ وارن بيانن سان گڏوگڏ دهشتگردي به جاري آهي. اڃان دهمانن وارن بيانن جي گونج گم ئي نٿي ٿئي ته وري ٻيو ڪو ڌماڪو انهن بيانن تان چٿرون ڪندي گذري ٿو وڃي. هر ڌماڪي کانپوءِ هتي جي انتظاميا جو اهو ئي بيان سامهون ايندو آهي ته ان دهشتگريءَ ۾ “ٻاهريون هٿ” آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته هن ملڪ کي ٻاهريون قوتون غير مستحڪم ڪرڻ چاهين ٿيون، ٻيو ته اسان جو ملڪ عالمي قوتن جي مفادن جي جنگ جو ميدان بڻيل آهي. انهن قوتن جو مقصد هن ملڪ ۾ وڌ کان وڌ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ آهي. هي ملڪ انتهائي خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏيئي رهيو آهي پر اسان جو الميو اهو آهي ته هتي جا اصل اختيار ڌڻي ماضيءَ مان سکڻ لاءِ تيار ناهن. انهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ڇا ڪرڻو آهي. حالتون انهن جي ڪنٽرول ۾ نه رهيون آهن. ملڪ تي الهندي سرحد تان حملا ٿي رهيا آهن، تازو چترال وارا واقعا ان جي چٽي ثابتي آهن، جڏهن ته اڀرندي پاسي وارو پاڙيسري به منهن زور بڻجندو وڃي. سفارتي طور تي به اسان ڪي گهڻيون ڪاميابيون ماڻي نه سگهيا آهيون. اها اميد هئي ته پي ڊي ايم حڪومت جي ڏيڍ سال واري حڪمرانيءَ دوران پرڏيهي وزارت جي نوجوان قيادت سفارتي ميدان ۾ ڪا وڏي تبديلي آڻي سگهندي پر ايئن ٿي نه سگهيو، رڳو مختلف ملڪن ڏانهن آوت جاوت ته رهي، پاڙيسري ملڪ لاءِ “نئين ڇڊان گا” جهڙا بيان جاري رهيا، ۽ سفارتڪاري جي ٿي ته به صرف اها، ۽ جي زور رهيو ته اهو به صرف ان تي ته “ڪشڪول خالي نه موٽي”.

هن وقت ملڪ کي نه صرف ٻاهريان خطرا درپيش آهن پر اندرين صورتحال به ڪا گهڻي بهتر نه آهي. هن ملڪ کي مُني صديءَ کان تجربيگاهه بڻائي ان تي نوان نوان تجربا ڪيا ويندا رهيا آهن، نئين نئين نظام جا تجربا ڪرڻ لاءِ حڪمران ٽولا پنهنجو پنهنجو “مينو” کڻي ايندا رهيا آهن. انهن نون نون تجربن هڻي هن ملڪ جو جيءُ جڏو ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيبلشمينٽ به پنهنجا “پراجيڪٽ” آزمائيندي رهي آهي، جيئن هن ڀيري “عمران خان پراجيڪٽ” عوام تي مڙهيو ويو، جنهن جا اثر هي ملڪ ڪئين ڏهاڪن تائين ڀوڳيندو رهندو، ايترو گهڻو ڪجهه  ٿيڻ باوجود به مقتدر حلقا نادم ناهن، اهي سڀ ڪجهه پاڻ وٽ گروي رکڻ چاهين ٿا، حڪمرانن جو عقل به ۽ عوام جي مرضي به! آخر اهي تجربا هن ملڪ تي ڇو ٿا ڪيا وڃن، حقيقت پسندي بدران حالتن کان اکٻوٽ ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ اٺ پکيءَ وانگر ڪيستائين واريءَ ۾ منهن لڪائي حالتن کان فرار حاصل ڪندا رهنداسين؟ هاڻي به اکيون نه پٽيون سين ته ٿيندڙ نقصان جو تدارڪ ممڪن ئي نه هوندو. اسان ائٽمي قوت سڏايون ٿا پر اسان جي حالت اها آهي ته اسان جي هٿ ۾ ڪشڪول آهي. پاڻ تان جڳ کلائي رهيا آهيون. ان حالت تائين هن ملڪ کي ڪنهن پهچايو آهي؟ ڀلا ان جي ذميوارن کان ڪڏهن پڇيو ويو آهي ته انهن جي اهڙن عقل کان فارغ فيصلن سبب ٿيل نقصان جو تدارڪ ڪيئن ٿيندو؟ اهو ته سياسي اختيارن جي مهار مان هٿ ڪڍڻ کانپوءِ ئي ممڪن آهي. انهن جي تجربن جو ئي نتيجو آهي ته ملڪ هن حال کي پهتو آهي، پر ان جي باوجود به اهي هٿ روڪڻ لاءِ تيار نه آهن. ٻاهرين دشمنن کي ته منهن ڏيڻ پري جي ڳالهه، هاڻي ته عوام کي به چوکنڀو ٻڌي آءِ ايم ايف جي اڳيان آڻي ڦٽو ڪيو ويو آهي ۽ اختيار جون واڳون ان عالمي استحصالي ايجنڊا تي هلندڙ مالياتي اداري وٽ آهن، جنهن جي ڊڪٽيشن سان ٿيندڙ فيصلن جي ڪري عوام جي اهڙي حالت ٿي وئي آهي جو اهو ٻن ويلن جي مانيءَ تائين به رسائي وڃائي ويٺو آهي. ان ڪري هوش کان ڪم وٺڻ ۽ ملڪ بچائڻ جي ضرورت آهي، سياسي فيصلا سياستدانن لاءِ ئي ڇڏڻ گهرجن. جيڪي قوتون، ملڪ کي دهشتگرديءَ جو ميدان بنائڻ چاهين ٿيون، انهن کي صرف ۽ صرف عوام جي حمايت سان ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هيستائين اسان ٻين جي مفادن جون جنگيون وڙهندي وڙهندي پاڻ جنگ جو ميدان بڻجي ويا آهيون.