سياست جو دوکو ۽ درد جو رشتو!!

0
61
سياست جو دوکو ۽ درد جو رشتو!!

بلوچستان ۾ برسات سيلاب بڻجي وئي. جنهن ۾ لڙهي ويا، اهي انسان جن جي زندگيءَ جي قيمت حڪومت وٽ ڏهه لک روپيا آهي.

 بلوچستان بکايل ديس آهي. بلوچستان ليڙون ليڙون ويس آهي. بلوچستان صرف بغاوت ناهي. بلوچستان تمام گهڻي غربت آهي. ايتري غربت جيتري غربت اسلام آباد توري ماپي  نه ٿو سگهي.

 بلوچستان ۾ بک آهي. بلوچستان ۾ ڏک آهي. ايتري بک جو اها واگهه سان وڙهي سگهي ٿي. ايترو ڏک جو اهو ڏونگر ڏاري سگهي ٿو.ملڪ جي نام نهاد قومي ميڊيا ماٺ آهي. ماٺ آهي ڪنهن مجرم وانگر. پر سوشل ميڊيا جي سيلابي ريلن تي، ترن ٿا، اهي لاش! جن جيئڻ ٿي چاهيو. جن ايئن نه ٿي مرڻ چاهيو. جيئن اهي مئا. انهن مردن جي ٻوٽيل اکين ۾ ڪي خواب هئا. اهي خواب خراب نه ها. اهي خواب خوبصورت هئا. اهي خواب حسين هئا. اهي خواب اڄ لوڻياٺن لڙڪن ۾ لڙهي رهيا آهن. اهي خواب اسان کا پڇي رهيا آهن ته انهن تعبيرن جو ڇا ٿيو؟

بلوچستان جو درد تاريخ جو طويل سلسلو آهي. بلوچستان جو غم گهرو آهي. هڪ پهاڙ تان ڪرندڙ سيلابي پاڻي اصل چهرو آهي. بلوچستان جو!

سوشل ميڊيا جي برقي لهرن تي جيڪي لاش نظر ٿا اچن، اهي انهن باغين جا ناهن، جيڪي بندوق جي ٻوليءَ ۾ ٻوليندا آهن. بلوچستان جي شهيد ٻارن جا لاش گواهه آهن ته انهن وٽ بندوق ته ڇا پر پلاسٽڪ جوڪو رانديڪو به نه هو.

پلاسٽڪ پٿر ناهي. پٿر ناهي جو ٻڏي وڃي پلاسٽڪ ترندو آهي. ڇا اوهان کي ٻڏي مئل ٻارن جي لاشن جي آس پاس ڪو پلاسٽڪ جو رانديڪو ترندي نظر آيو؟ ڪا ڪوڙي بدڪ؟ ڪا نقلي بندوق؟ ڪو اسڪولي ڪتاب؟ ڪجهه به ڪو نه هو، انهن ٻارن جي آس پاس، جيڪي پهاڙي سيلاب ۾ ايئن ترندا ۽ مرندا ويا، جيئن اها حقيقت نه هجي. جيئن اها ڪا فلم هجي. جڏهن ته اها فلم نه هئي. اها حقيقت هئي.

حقيقت ايتري به ڀيانڪ ٿي سگهي ٿي؟ ايتري ڀيانڪ جيتري ڀيانڪ گپ ۾ زندگيءَ جي انت جي تصوير!

انهن انسانن ايئن مرڻ جو خراب خواب نه ڏٺو هو. هڪ تلخ تعبير انهن جي مٿان اوچتو ڪڙڪي. اهي معصوم ماڻهو آهن. جن جي مٿان هاڻي سياست جي بازي کيڏي ويندي. جن جي باري ۾ ٻڌايو ويندو ته انهن جي موت جو سبب سيلابي برسات نه پر ڪجهه ٻيو آهي.

وطن ۾ بي وطن ماڻهو ڪيئن جيئندا آهن؟

ڪاش! اهو احساس اسلام آباد جي آقائن کي به ٿئي ۽ انهن اڳواڻن کي به، جيڪي جلاوطنيءَ جي جنت ۾ رهن ٿا.

بلوچستان تمام گهڻو گهايل آهي، بلوچستان تمام گهڻو ڏکويل آهي. فقط هڪ غريب بلوچ کي پتو آهي ته بلوچستان ڇاهي؟

بلوچستان جو عام انسان ڪيترو ستايل آهي؟ اها خبر اسلام آباد لاءِ اهم ناهي. سدا ساون سرڪاري ڪامورن کي صرف بلوچستان ۾ ڦاٽندڙ بمن ۽ ڀڙڪندڙ باهه آهي. انهن سرڪاري آفيسرن کي ڇا معلوم؟ انهن کي ڇا پتو؟ انهن کي ڪهڙو علم ته صرف بارود ۽ باهه نه پر انسانن کان پاڻي به پساهه کسي سگهي ٿو. بلوچستان ته پاڻيءَ جي قطري قطري جو قدر ڄاڻي ٿو. بلوچستان صرف بکايل ناهي. بلوچستان اڃايل به آهي. پر جڏهن پهاڙن کي ڀاڪر ۾ ڀري بادل روئن ٿا. جڏهن انسانن جو درد پهاڙن جي دل کي پرزا پرزا ڪري ڇڏي ٿو. تڏهن ڪهڙو منظر جنم وٺي ٿو؟

اهومنظر اسان مون سون جي مينهن ۾ ڏٺو. اسان ڏٺو ته مٽيءَ جا گهر پاڻيءَ ۾ ٻڏي گپ ڪيئن ٿي ويندا آهن ۽ انهن مان لاش ڪيئن لڀندا آهن؟

اوهان لاشن جي ڳالهه ٿا ڪريو؟ اوهان کي معلوم هجڻ گهرجي ته هر لاش جو هڪ نالو هو. هڪ خوبصورت نالو. هاڻي اهو فقط هڪ حوالو آهي. اهو حوالو پنجاب جي انهن دانشورن جي ديد کان دور آهي، جيڪي قومي ميڊيا تي هڪ هڪ منٽ جي گفتگو جي قيمت وصول ڪندا آهن. جيڪي ڪافي وقت کان وٺي اقتداري راند جي ڪامينٽري بيان ڪري ڪمائن ٿا. جيڪي ٻڌائن ٿا. آصف زرداريءَ جو نئون داءُ. جيڪي بيان ڪن ٿا، عمران خان جو بيانيو. اهو بيانيو، جنهن ۾ اقتدار جو حرص آهي. اهو بيانيو، جنهن جي وات مان ڪرسيءَ جي لاءِ گگ وهي ٿي. اهو بيانيو جيڪو شيخ رشيد جي رهزن زبان درازيءَ مان اڀري ٿو. اهو بيانيو، جيڪو پي ٽي آءِ جي گيتن ڀري جلسي ۾ گونجي ٿو.

اهو بيانيو صرف تحريڪ انصاف تائين محدود ناهي. اهو بيانيو نواز شريف جي نماڻي بغاوت ۽ مريم نواز جي سوچيل سمجهيل ۽ تڪيل توريل ٽوئيٽس ۾ آهي.

اهو بيانيو جيڪو بلاول جي بيانن ۾ ڪنهن ناڪام بغاوت وانگر پنهنجو اظهار ٿو ڪري. اهو بيانيو جيڪو آصف زرداريءَ جي آڙيڪاپ چالن مان پنهنجي تعريف جي چاهت ٿو رکي. اهو بيانيو جيڪو مولانا جي تهذيب ۽ تمدن سان سرشار تلخ بيانن ۾ ڪڏهن الجهي ٿو. ڪڏهن سلجهي ٿو. اهو بيانيو جيڪو رانا ثناءُ الله جي بيباڪ گفتگو ۾ گردش ٿو ڪري.

اهو بيانيو جنهن ۾ بلوچستان جي اتحادي اڳواڻن جي خراب خاموشي به آهي. اسلام آباد جي اقتداري اوطاق تي ويٺل انهن بلوچ اڳواڻن کي ڇو نه ٿا نظر اچن، اهي لڙهندڙ لاش؟ جن وٽ ڪو هٿيار نه هو.

وفاقي سياست ڪندڙ بلوچ قومپرست اهڙي ماٺ ۾ آهن، جهڙي ماٺ گهرن کان پري گهنگهور مقامن ۾ هوندي آهي. جهڙي ماٺ پهاڙن جي پاڇن ۾ هوندي آهي.

بلوچستان سان سنڌ جي محبت سسئي ۽ پنهونءَ جي داستان جهڙي آهي. سنڌ کي دل ۾سور پوندو آهي، جڏهن بلوچستان ۾ درد وڌي ويندو آهي. ڪٿي آهن، اهي تقريرون؟ ڪٿي آهن اهي تاريخي واعدا؟

مظلوم قومن جو اتحاد ڪنهن منتشر ڪيو؟

ڪٿي آهي اها “پون”” جنهن ۾ پيار ڀري بغاوت جو اظهار هو؟

ڪٿي آهن، اهي شالن وارا شاندار خاندان، جيڪي مظلوم قومن جي مٿان ڪڙڪندڙ قيامت جو پتو ڏيندا هئا. جيڪي پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چوندا هئا:

“مين عهد ڪنان پيمان ڪنان

آباد بلوچستان ڪنان”

اڄ بلوچستان برباديءَ جو اهڙو منظر پيش ٿو ڪري، جنهن جو دفاع ڪا دانائي ڪري نه ٿي سگهي.

چاڪن جي چاره گري چالاڪيءَ سان نه ڪري سگهبي آهي.

ڪاش! اها مام سمجهه ۾ اچي سگهي، انهن کي جيڪي ڪوڙي فڪر سان فيصلا ڪن ٿا.

بلوچستان صرف بغاوت جي باهه جو نالو ناهي.

بلوچستان بکن ۾ پاهه ۾ ٿيندڙ انهن معصوم ماڻهن جو حوالو به آهي، جن اڄ ڏينهن تائين انصاف کي اجهامندڙ اکين سان نه ڏٺو آهي.

بلوچستان جي جاگرافي تاريخ مٿان تلخ تبصرو آهي.

سنڌ ۽ بلوچستان پاڻ ۾ ايئن آهن، جيئن هڪ پکيءَ جا ٻه پر.

سنڌ ۽ بلوچستان جو رشتو عجيب انداز جو آهي.

سنڌ ۽ بلوچستان اهي ٻشانگي آهي، جيڪا محسوس ڪري سگهي ٿي، درد جو وزن. دل مٿان!

سنڌ کي معلوم آهي ته گهگها ڪيتري غم ۾ گهارين ٿا.

پنجاب پاڙيسري آهي. پنجاب سنڌ وانگر بلوچستان جو درد محسوس ڪري نه ٿو سگهي.

سنڌ کي احساس آهي. ان سور جو. جيڪو بلوچستان جي سيني ۾ سري ٿو.

سنڌ کي پروڙ آهي، ان پيڙا جي، جنهن مان بلوچستان گذري ٿو.

سنڌ کي بلوچستان جي مٽي مائٽي تاريخ کان تحفي ۾ ملي آهي.

سنڌ کي سمجهو يا بلوچستان کي محسوس ڪيو!

اها هڪ ڳالهه آهي. اها هڪ ڳوٽ آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ محبت سياسي ناهي. سماجي آهي. اها هڪ گهر جهڙي آهي.

سنڌ تمام اداس آهي. سنڌ غمناڪ آهي. سنڌ کي تمام گهڻي تڪليف آهي. صرف پنهنجي نه پر انهن پنهنجن جي به! جيڪي پهاڙن جي پاسي ۾ رهن ٿا. جن وٽ صرف سور آهي. جن وٽ فقط پور آهي. اهڙا سور ۽ اهڙا پور، جن لاءِ لطيف لکيو هو:

“هڪ سسئي ۽ ٻيو سور ويا پٽيندا پاڻ ۾”

سنڌ سسئي آهي ۽ بلوچستان پنهون!

سسئي ته پنهونءَ مٿان اس جو پاڇو به نه سهي سگهندي هئي.

اڄ بلوچستان مٿان دهشت جا بادل گجگوڙ ٿا ڪن.

اڄ بلوچستان ۾ سياست سبب رحمت به زحمت بڻجي وئي آهي.

اڄ بلوچستان ڳوڙها ٿو ڳاڙي ۽ سنڌ جو دامن آلو آهي.

اياز لکيو آهي:

“ڄارين ڀر ڄايون

پنهنجيون پرايون

ڳالهه مڙوئي هيڪڙي

تنهجا ڳوڙها مون رنا

توکي ڳر لاهيون”

بلوچستان جي ڏکن جا سڏڪا، سنڌ جي چپن تي آهن.

۽ اهي دردٿا چاهن. اهو درمان جيڪو ڪوڙو نه هجي!

جنهن ۾ احساس جو مرهم هجي.

جنهن ۾ انصاف جي عقل جو علاج هجي.

جنهن ۾ دوئيءَ جي ڌڪار نه هجي.

جنهن ۾ پنهجائپ جو پيار هجي.

ڇا اسلام آباد جي آقائن کي معلوم آهي ته مظلوم کي ڪهڙي محبت جي ضرورت هوندي آهي؟

جيڪڏهن اسلام آباد درد جي ٻوليءَ کي سمجهي ها ته بلوچي ۽ سنڌي ايتريون مشڪل ٻوليون ناهن.

وقت صرف وڍ وڌا آهن. هاڻي وقت کي گهرجي ته ڪو مرهم به ملي.

وقت جيڪو تمام گهڻي تلخيءَ جو سبب رهيو آهي.

هاڻي ان کي مهر به ڪرڻ گهرجي.

ڪاش! وقت جي سيني ۾ ڪا دل هجي ها!

ڪاش! اها تڪي ۽ توري سگهي ها. اها تڪليف جيڪا انصاف نه ملڻ سبب سيني ۾ مچلندي آهي.

سنڌ هن مهل پنهنجا سور هڪ پاسي رکي بلوچستان جي لاءِ انصاف چاهي ٿي.

اهو انصاف جيڪو اڄ به سياسي سمجهوتن ۾ ويڙهيل سيڙهيل آهي.

ڪاش! سياست کان سواءِ به ڪو رشتو قبول ٿيڻ جوڳو سمجهيو وڃي.

اهو درد جو رشتو به انصاف جي دفتر داخل ڪيو وڃي، جنهن رشتي جي لاءِ فيض احمد فيض اها گواهي پيش ڪندي لکيو هو ته:

“بڙا هي در ڪا رشتا، يه دل غريب سهي”

اهو درد جو رشتو سنڌ ۽ بلوچستان کي تاريخ جي تنها پهر ۾ مليو هو.

ان درد مان گذرندا رهيا آهن، اهي غم جا قافلا. جن کي هن مهل تائين ڪا منزل نه ملي سگهي آهي.

بلوچستان سنڌ تون سان گڏ آهي. تنهنجي پيڙا ۾. تنهنجي تنهائيءَ ۾.

بلوچستان سنڌ توسان سنگ آهي، ان سنگريز زمين جي سفر ۾ جنهن تي سسئي جا پٽ پٽيهر جهڙا پير زخمي ٿيا هئا.

اها سسئي جنهن جي محبت غيرمشروط هئي. اها محبت سنڌ جي حصي ۾ آئي آهي. اها محبت پنهنجو مسڪن تلاش ٿي ڪري.

تاريخ جو دامن ايترو سوڙهو ڇو آهي؟

تاريخ جو ڀاڪر ايترو ڪشادو ڪڏهن ٿيندو؟

جو ان ۾ پورو ملڪ محبوب وانگر سمائجي وڃي؟

سوال ته سوين آهن.

جواب ڪو به ناهي.

هن مهل به اهڙي سانت آهي.

جهڙي سانت برسات کان پوءِ ڳهريل ڳوٺ ۾ هوندي آهي.