سياست جا تماشا ۽ سنڌ جا سور

0
101
سياست جا تماشا ۽ سنڌ جا سور

 ملڪ جي سياسي اسٽيج تي ھلندڙ “طلسم ھوشربا” ٽائيپ ڊرامو تھ پنھنجي منطقي انجام کي پھتو. جي ايڇ ڪيو کي پنھنجو نئون سربراھه نصيب ٿيو. جنرل باجوا جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن نڪري ويو. اھڙي طرح ان سلسلي ھڻي ھنڌ ڪيو جيڪو ملڪ جي اعصابي نظام کي تنبوري جي تند وانگر تاڻي ويٺو ھو. اھو اشو جيڪو اصولي طور تي ڪو اشو نھ ھجڻ کپندو ھو، اھو ايترو تھ چوٽ چڙھي ويو جو ماڻھن کان ملڪ جا ٻيا حقيقي معاملا موران وسري ويا. اھي مسئلا جيڪي عوام جي سيني تي ڏينھن رات مڱ ڏري رھيا آھن. اھي سمورا مامرا ايترا تھ بي معنيٰ بڻجي ويا، ڄڻ انھن جو ڪو وجود ئي نھ ھو. ڇو تھ ھڪ اعصاب شڪن ڪوڙو جوش پيدا ڪيو ويو. ان پرجوش ماحول ۾ ماڻھن جي ڪيفيت ڪجھھ اھڙي ٿي وئي جو انھن کان سڀ ڪجھھ وسري ويو.

                 ماڻھن کان وسري ويا اھي ڏک ڀريا ڏينھن ۽ رنج ڀريون راتيون. پر نھ. بلڪل بھ نھ. انھن ماڻھن کان قطعي نھ وسريون، جن ماڻھن جي سورن سان سنگت ھئي. اسان اصل ۾ انھن ماڻھن جي ڳالھھ ڪري رھيا آھيون، جن جي ڳالھھ ماٺ اختيار ڪري ٻڌي وڃي ٿي. ماڻھن جا مطالبا تھ بارعايت طبقن جي لاءِ ڪنھن گوڙ شور کان وڌيڪ ناھن. اسان انھن آوازن جو ذڪر ڪري رھيا آھيون، جن جي سس پس تي بھ قومي ميڊيا جا ڪن ريڊارن وانگر کڙا ٿي ويندا آھن. انھن وٽ صرف ۽ صرف ھو اشو ھو. اھو ھو “ڪير ٿيندو آرمي چيف؟” جڏھن تھ ان سوال جي آس پاس سھسين سڏڪا ھئا. مظلوم ماڻھو پڇي رھيا ھئا تھ “ٻوڏ جو پاڻي ڪڏھن نيڪال ٿيندو؟” “اسان کي ڊٿل گھر جو معاضو ملندو؟” “مئل ماڻھن جي خون بھا وارو چيڪ ڪڏھن ڪيش ٿيندو؟” “ڪمند جواگھھ وڌندو؟” “ٻار جو علاج ٿيندو؟” “عدل ٿيندو؟” “انصاف ٿيندو؟” اھي صدائون زخمي سنڌ جي سيني تان آڙين وانگر اڏامنديون رھيون پر ڪنھن وٽ وقت ھو نھ دماغ! جو درد جون اھي ڪھاڻيون ٻڌي. ھاڻي تھ اھو سڀ ڪجھھ وسري رھيو آھي، جيڪو ڪجھھ ڏسڻ سان ماڻھن کي راتين جي ننڊ نھ ٿي آئي. ڪنھن چيو ھو؟ جنھن بھ چيو ھو، سچ چيو ھو تھ “وقت ماڻھن کان غم وساري ٿو ڇڏي”پر سنڌي ٻوليءَ ۾ اھو بھ چوندا آھن تھ “زخم ڀرجي ويندا آھن پر ويڻ نھ وسرندا آھن” سنڌ جي ماڻھن ھٿ سان آندل ٻوڏ ۾ جيڪي وھھ جھڙا ويڻ ٻڌا، اھي ھو ڪڏھن بھ فراموش ڪري نھ سگھندا. ھو جيڪي پنھنجي ڪکن ۾ پنھنجي منھن سان گھاريندا ھئا. ھو جيڪي سور سيرانديءَ ڏئي ۽ پور پيرانديءَ ڏئي بک ڏک ٿي سمھي پوندا ھئا، انھن کي جھڙي طرح آل اولاد سميت ماني ڳڀي لاءِ ميڊيا آڏو ٻاڏائڻو پيو ۽ انھن کي جھڙي ريت پيٽ ڀرڻ لاءِ قطارن ۾ بيھڻو پيو. اھو سڀ ڪجھھ تمام گھڻي اذيت وارو ھو. سنڌ جي تاريخ ۾ اھڙو تلخ دور اڳ ڪڏھن بھ نھ آيو ھو. اھو بھ حڪمران ڌر ڌرتيءَ ڌڻين جي مقدر ۾ لکيو. ان لاءِ بھ چيو ويو تھ اھو الاھي عذاب آھي. اھا سنڌي ماڻھن کي ڪرمن جي سزا ملي آھي. معنيٰ  زخم لڳائي مرھم بدران لوڻ جون لپون مھٽيون ويون.

ھن وقت سنڌ جي ڪيفيت ڪھڙي آھي؟ اڃان تائين انھن انسانن جا ڳوڙھا ناھن سڪا جن جا پيارا قلندر جي مزار تي سک کڻي ويندي ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي مئا. ھن وقت اسڪولن مان ستايل خلق نڪري چڪي آھي ۽ رليف ڪيمپن جو وجود ميسارجي ويو آھي ۽ شھرن جي چوراھن تي امدادي اسٽال نظر نھ ٿا اچن تھ ان جو مطلب اھو تھ ناھي تھ سنڌ جا سور ختم ٿي ويا آھن. ھن حڪومت ھن مھل تائين ڪيترن جي وسندين مان پاڻي نھ ڪڍيو آھي ۽ نھ وري ڪو اھڙو انتظام وجود ۾ آندو آھي جو ماڻھن جون بنيادي ضرورتون گھر ويٺي پوريون ٿي رھيون ھجن. اھڙو ڪجھھ نھ ٿيو آھي. بس ھو ماڻھو پنھنجي اھل عيال سميت پردي پويان ويا آھن تھ سڀني کان وسري ويا آھن. سڀني کان وسري ويا آھن، انھن جا سور ۽ انھن جا پور!!

ماڻھن کي “پنھنجي مدد پاڻ” واري اصول تحت ٻڏل ڳوٺن ۾ ڌڪيو ويو. انھن کي جيئڻ جي لاءِ جتن تھ ڪرڻا پوندا. انھن کي پنھنجي ٻچڙن لاءِ ھٿ پير تھ ھڻڻا پوندا. ماڻھن پنھنجن ڦٽيل پيرن کي پٽيون ٻڌيون، انھن ور وڌا ۽ گپ مان گھر ٺاھڻ لڳا. ٻوڏ سبب لڙھي آيل ڍينگر کڻي ڇتيون ۽ ڀتيون جوڙيون. آخر سڀني جا پڪا گھر تھ نھ ھئا. جيڪي ڪچا گھر ھئا، اھي تھ سھڻيءَ جي ڪچي گھڙي وانگر ڀري ويا. انھن کي وري ٻيھر پکين وانگر پنھنجا ڪک ميڙي آکيرا جوڙڻا پيا. پر اھي جيئن تھ دور دور ۽ آباديءَ جي حوالي سان ڇڊا ڇڊا آھن. اھي جيئن تھ ھر قسم جي ميڊيا کان پري آھن. جيئن تھ ڪنھن بھ ڪيمرا جي اک انھن کي نھ ٿي ڏسي، ان ڪري انھن جو ذڪر نھ ٿو ٿئي پر ڳالھھ نھ ڪرڻ سان ڇا سور ختم ٿي ويندا آھن؟ سور ڪڏھن بھ ختم ناھن ٿيندا ۽ اھو بھ ھن سسٽم ۾!!؟

اھو سسٽم جنھن تي اسان جي حڪمرانن کي ناز آھي. اھو سسٽم جيڪو حڪم ھلائڻ وارن لاءِ مثالي درجي جو مالڪ آھي. اھو سسٽم جنھن ۾ ماڻھن تي ايترو ظلم ڪيو وڃي ٿو، جيترو ظلم انھن جي سھپ جي حد کي مستقل طور تي وڌائي رھيو آھي. ڇو تھ انسان ۾ بقول چارلس ڊارون ماحول مطابق پاڻ ۾ تبديلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آھي. اھو انسان جيڪو پاڻيءَ مان ڪري پھاڙن تي جيئڻ جوڳو ٿيو، اھو انسان ھن مھل جياپي جي جنگ ۾ مصروف آھي ۽ ھاڻي ھو انصاف ۽ امداد لاءِ دانھون بھ نھ ٿو ڪري. ھاڻي ھو خاموشيءَ سان پنھنجا لڙڪ لڪائي پنھنجي لاءِ ھٿ پير ھڻي رھيو آھي. جيڪڏھن انھن جي مُٺي ماٺ جي ٻولي کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪجي تھ اسان کي انھن جي خاموشيءَ مان اھي ويڻ ورجائبا محسوس ٿيندا تھ “ڏٺي سين سرڪار جي سخاوت”

اسان تھ پاڻ پري کان بيھي صرف ان جو مشاھدو ڪيو آھي. پر انھن تھ اھي سرڪاري سور ڀوڳيا آھن. جڏھن بلٽ پروف پراڊو مان لھي گوڏن تائين گپ ۾ ڀريل ماڻھن جو شڪايتون ٻڌي ھڪ چونڊيل ميمبر ڌڪار سان منھن پري ڪري اھو چوندو واپس گاڏيءَ ۾ چڙھي تھ “اھو تون نه پر تنھنجي پويان ڪو ٻيو ٿو ڳالھائي” تھ ان کان وڌيڪ انسانيت جي ڪھڙي تذليل ھوندي؟

ھيءَ ٻوڏ جيڪا اڃان تائين مڪمل طور تي ختم نھ ٿي آھي، اھا ٻوڏ ڄڻ تھ ھن سرڪار لاءِ پرڏيھي امداد ميڙڻ جو ڪو موقعو ھئي. ھن ٻوڏ سبب وزيرن، مشيرن ۽ ڪامورن ڪيترو ڪمايو؟ ان جا انگ اکر ڪير ڪٺا ڪري؟ جڏھن اسان سنڌ جي جھريل جھوپن ۽ ٻڏل ٻنين ۽ ٿيل معاشي نقصان جو ڪاٿو نھ ٿا ڪري سگھون تھ پوءِ ان جا انگ اکر ڪير آڻي تھ ڪنھن ڪيترو کاڌو؟ اڳ ۾ رشوت ھزارن ۾ ھوندي ھئي. پوءِ لکن ۾ لٿي. ھاڻي تھ اھا ڪروڙن کي ڇڏي اربن ۾ اچي وئي آھي. ۽ ڇو نھ اچي؟ آخر پاڪستان جو روپيو بھ تھ ڊالر جي مقابلي ۾ ھيٺ ڪري پيو آھي. ۽ نيب بھ تھ ڪرپشن جا ڪيس کڻڻ جي سلسلي ۾ پنھنجي حد وڌائي ڇڏي آھي. اھڙي ماحول ۾ جيڪڏھن ڊپٽي ڪمشنر بھ اربين روپين جا گھپلا ھڻن ٿا تھ انھن جو ان کان سواءِ ٻيو ڇا سبب ھوندو تھ ھو ھڪ اھڙي پيل آھن، جتان ڪرپشن جي گنگا پنھنجي آب تاب سان گجگوڙ ڪري وھي رھي آھي.

اھا افسوس کان اتانھين ڳالھھ آھي تھ اسان اھو بھ لکي نھ ٿا سگھون تھ سنڌ جي ماڻھن جا سور اڄ بھ ساڳيا آھن. ڇو تھ سنڌ جي ماڻھن جا سور ڪالھھ جي مقابلي ۾ اڄ گھڻا وڌي ويا آھن. سنڌ جي سورن کي ڏسي محسوس ٿي رھيو آھي تھ ڄڻ سورن ۾ بھ ساھھ ھجي. سور بھ جاندار ھجن. اھي بھ وڌن ويجھن ٿا. اھي بھ اولاد پيدا ڪن ٿا. انھن جي تعداد ۾ بھ مسلسل اضافو ٿئي ٿو. جيڪڏھن ايئن نھ ھجي ھا تھ سنڌ جا سور ايئن ڇو وڌي وڃن ھا، جيئن ٻوڏ کان پوءِ سَر ۽ ٻوڙا وڌي ويندا آھن.

عوام جي مقدر ۾ آيل ھي عذاب ان ڪري مسلسل مورجي رھيا آھن جو حڪمرانيءَ کي پنھنجو اباڻو حق سمجھندڙ سياستدان ڪرسين جي ڪل وقتي جھيڙي ۾ ايترو تھ اڙجي ويا آھن جو انھن کان ٻيو سڀ ڪجھھ وسري ويو آھي. انھن جي ڪرسيءَ وارو ڪريز ايترو تھ شديد ٿي ويو آھي جو ھاڻي ھو صرف ھڪ ڪرسيءَ تي مطمئن ٿيڻ ڇڏي چڪا آھن. انھن کي ھر ڪرسيءَ تي قبضو ڪرڻو آھي. انھن کي ھر ڪرسيءَ تي پنھنجي مرضيءَ جو ماڻھو براجمان ڪرڻو آھي. پوءِ اھا سفير جي ڪرسي ھجي يا وزير جي ڪرسي ھجي! اھا بچاءَ جي ڪرسي ھجي يا انصاف جي ڪرسي ھجي!! اھا سولين ڪرسي ھجي يا فوجي ڪرسي ھجي!!! ھو ھر ڪرسيءَ تي پنھنجو اھڙو ڀروسي وارو بندو ڏسڻ چاھين ٿا، جيئن ان ڪرسيءَ تي ھو پاڻ ويٺا ھجن. جڏھن اقتداري بک ايتري وڌي وڃي تھ پوءِ غريب عوام جي حالت زار تي غور ڪرڻ جو وقت ئي ڪٿي ٿو بچي؟

پاڪستان ۾ سياسي تماشا ختم ٿيڻ جو اشارو نھ ٿا ڏين. جيڪو ڪجھھ بھ ٿي رھيو آھي، اھو تاريخ جي جھروڪي مان ڪنھن پراڻي وقت جو منظر محسوس ٿي رھيو آھي. جھڙي طرح اڳوڻي دور ۾ علاءُالدين خلجيءَ وارا دشمن جي شھرن جي سرحدن تي پنھنجي فوج وٺي ھوڪرا ڪندا ھئا، ھن ڀيري فيض آباد وٽ تحريڪ انصاف جي زخمي سالار جھڙي طرح پنھنجي سياسي فوج جي قيادت ڪئي ۽ اسلام آباد کي دھشت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، اھو سڀ ڪجھھ ان تماشي جھڙو آھي، جنھن سبب اصل اشو ايئن وسري ويندا آھن، جيئن ڀولي يا رڇ جي تماشي ۾ ٻار کان اھو وسري ويندو آھي تھ ھو گھر مان ڇا آڻڻ جي لاءِ نڪتو ھو. ھن جي پگھريل مٺ ۾ ڪاغذي پئسا پسي ويندا آھن. ساڳي طرح عوام جا عذاب لڪائيندڙ ھي لقاءَ ملڪ ۾ جمھوريت کي جھنم بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش آھن. ان تماشي ۾ اسان حڪمرانن لاءِ ھمدرديءَ جو ڪو احساس ڇو محسوس ڪريون؟ جيڪي اقتدار ماڻي عوامي عذابن کي وساري ويٺا آھن.