اسلام آباد ( م ڊ) سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار مظهر عباس چيو آهي ته اسيمبليون ٽوڙڻ تي اتفاق ٿي چڪو آهي باقي نگران وزيراعظم تي اتفاق ناهي ٿيو. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مظهر عاس چيو ته سياسي پارٽيون چاهين ٿيون ته ڪو سينئر سياستدان نگران وزيراعظم ٿئي، هُتان کان اها ڳالهه آهي ته ڪو ناڻي ماهر هجي جيڪو وزيراعظم ٿئي، ڇو جو آءِ ايم ايف جا معاملا آهن، ان کان سواءِ معاشي صورتحال به آهي. هن چيو ته سياسي پارٽين ۽ حڪومتي اتحاد ۾ اتفاق ٿي چڪو آهي ته اليڪشن کان ڀڄي نٿو سگھجي. ان ڪري چونڊون يقيني آهن.