سياستدان ايڏا ڪمزور ۽ مجبور ڇو آھن؟

0
56
سياستدان ايڏا ڪمزور ۽ مجبور ڇو آھن؟

 ملڪ ۾ سياسي تماشو روز نئين انداز سان هلندو رهي ٿو سياسي جوڙجڪ کان پوءِ انتظامي ۽ عدالتي معاملن ۾ به پسند ۽ ناپسند جو چرچو شروع ٿي ويو. سپريم ڪورٽ ۾ حڪومتي سٿ کي مليل شڪست کان پوءِ سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان کي جيڪا شڪست ملي اها خبر به ڪنهن کان ڳجهي ناهي. سپريم ڪورٽ جي اعلان ۽ جسٽس فائز عيسيٰ جي خط کان پوءِ عدالتي اختلافن جي به سڀ کي خبر پئجي وئي. چيف جسٽس صاحب پنهنجي پسند جي ججز کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل وسيلي سپريم ڪورٽ ۾ آڻڻ چاهي پيو پر کيس اها سوڀ نه ملي سگهي. فارن فنڊنگ ڪيس جو زور شور سان چرچو هلي رهيو آھي. تحريڪ انصاف هر معاملي تي کلي دل سان اعلان ته ڪندي آھي پر وقت اچڻ تي پنهنجي اعلان کان ئي ڦري وڃڻ سندس سڃاڻپ آھي. هاڻي ته فارن فنڊنگ ڪيس جو چرچو پرڏيهي اخبارن ۾ به ٿيڻ لڳو آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ چندي تي سڀئي پارٽيون هلن ٿيون پر ڏسڻو اهو آھي ته اهو آيل چندو اصل مقصد لاءِ استعمال ٿئي به ٿو يا رڳو پنهنجا پيٽ ڀريا وڃن ٿا. جيئن ته پاڪستان هڪ اسرندڙ اسلامي جمهوري ۽ ايٽمي قوت رکندڙ ملڪ آھي. پاڪستان جي سياسي تاريخ تي نظر گهمايون ته اها تاريخ اسان کي اهڙي جٽادار ۽ بهترين نظر نه ايندي جنهن تي ويهي فخر ڪري سگهون. قيام پاڪستان کان وٺي اڄ تائين ڪو اهڙو عوامي ڪردار اسان جي آڏو نه اچي سگهيو جنهن لاءِ اهو چئي سگهجي ته هي عوامي طاقت سان اڳتي آيو آھي. سياسي پارٽيون هجن يا وري سياسي اڳواڻ هجن انهن هميشه طاقتور ڌرين جو سهارو ضرور وٺي شھرت سان گڏ اقتدار جا به مزا ماڻيا. ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي عمران خان تائين ڪو اهڙو سياستدان ناهي جنهن طاقتور ڌرين جي چيچ وٺي گهمڻ نه سکيو هجي. اها ٻي ڳالھه آھي جو اقتدار کان ٻاهر رهڻ تي اهي ساڳيا سياستدان انهن طاقتور ڌرين کي ئي ذميوار سمجهن ٿا.

ملڪ جي بدقسمتي جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگهجي ٿو جو 25 سالن تائين ڪو جامع آئين نه ٺھي سگهيو. آزادي کان پوءِ حڪمرانن پنهنجي مرضي جا عبوري آئين آڻي پاڻ کي طاقتور ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏھن ڪنهن آمر محسوس ڪيو ته سندس مخالفت زور وٺي پئي تڏھن مخالفن کي هيسائڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ عبوري آئين ۾ نظريه ضرورت طور ترميمون ڪري پنهنجو دفاع تيار پئي ڪيو.

1973ع ۾ ايوب خان جي دور ۾ سياسي طور پاڻ کي عوامي ليڊر طور مڃرائيندڙ ذوالفقار علي ڀٽو هڪ مڪمل آئين ڏيئي ملڪ تي احسان ڪيو. 73ع جي آئين ۾ ملڪ ۾ موجود فرد کان وٺي ادارن جي ڪم ۽ ڪردار کي واضح ڪيو ويو. وقت گذرڻ سان زندگي جي هر شعبي ۾ بهتري جي ضرورت هوندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن تبديلي تباهي جو سبب به ٿيندي آھي. اهڙو ڪجھه آئين پاڪستان سان به ٿيندو رهيو آھي. آئين پاڪستان جي قسمت تي به افسوس ڪري سگهجي ٿو ڇو ته هر حڪمران آئين کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ۽ ان ۾ ترميمون ڪيون. ان ڳالھه کان به انڪار نٿا ڪري سگهون ته جنهن به حڪمران پنهنجي فائدي لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي اهو ساڳيو شخص ئي ان ترميم جي ور چڙھي ويو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ کان پوءِ پاڪستاني تاريخ جي سڀ کان خطرناڪ فوجي آمر جنرل ضياءَالحق ملڪ کي صدارتي حڪمن وسيلي هلائيندو آيو . 1985ع جي غير جماعتي چونڊن کان پوءِ اسيمبلي مان اٺين ترميم پاس ڪرائي اسيمبلي ٽوڙڻ جا اختيار صدر کي ڏنا ويا. حقيقت ۾ اٺين ترميم جو اصل مقصد پارليامنٽ کي ڪمزور ۽ صدارتي محل کي مضبوط ڪرڻ هو. اٺين ترميم جي ٻين ترميم ڪيل شقن مان وڌيڪ شھرت شق 58  ٽو  بي ماڻي ڇو ته هر زبان تي ان ترميم جو ذڪر عام رهيو آھي. اٺين ترميم جي شق 58 ٽو بي  جو پهريون شڪار اڳوڻو وزيراعظم مرحوم محمد خان جوڻيجو ٿيو جنهن کي 29 جولائي 1988ع ۾ هڪ صدارتي حڪم تحت گهر موڪليو ويو. ان کان پوءِ ٻه دفعا محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻه دفعا نواز شريف  ان اٺين ترميم جي تلوار سان پنهنجيون حڪومتون وڃائي ويٺا.

1997ع ۾ وري آئين ۾ ترميم ڪري 13هين ترميم آندي وئي جنهن ۾ ميان محمد نواز شريف صدر جي ڪردار کي تمام گهڻو محدود ڪيو. ان کان پوءِ آئين ۾ 14ھين ترميم ڪئي وئي جنهن جو اهم نقطو اهو هو جو ڪو به ميمبر پنهنجي پارٽي سان بيوفائي نه ڪندو. مطلب فلورڪراسنگ جو در بند ڪيو ويو. ان فلور ڪراسنگ جي قانون جو استعمال هاڻي ٿيو جنهن جو شڪار تحريڪ انصاف جا 25 ميمبر ٿيا. اها ٻي ڳالھه آھي جو ق ليگ جي ميمبرن تي ان قانون جو اثر نه پيو.

چوندا آھن ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا  سو سخت آئين هجڻ جي باوجود جنرل پرويز مشرف ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم کي رات جي تاريڪي ۾ جيل ڀيڙو ڪري جهاز هاءِ جيڪنگ ڪيس ۾ سزا ڏيارائي ڇڏي. 2003ع ۾ آئين ۾ وري ترميم ڪري صدر کان کسيل اختيار واپس ايوان صدر ڪيا ويا.

1973ع جي آئين کان پوءِ آئين ۾ 18هين ترميم ڪئي وئي. 18هين ترميم ذريعي پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو ويو صوبن کي خودمختياري ملي وئي، ايوان صدر جا اختيار تمام گهڻا محدود ڪيا ويا. ججز جي مقرري جو اختيار صدر کان واپس وٺي  جوڊيشل ڪائونسل جي حوالي ڪيا ويا. ايوان صدر صرف علامتي محسوس ٿيڻ لڳو.

سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو جو آخر اسان جا سياستدان ۽ ادارا جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪڏھن گڏ ٿيندا ؟ قانوني ۽ آئيني طور ته اسان جو شمار جمهوري ملڪن ۾ ٿئي ٿو پر جمهوريت نالي ماتر ئي رهي آھي. اڄ ملڪ جون سموريون سياسي ڌريون طاقتور ڌرين جي ڪردار تي خوب ڳالهائن ٿيون انهن ڌرين تي اهو الزام به مڙھن ٿيون ته انهن هميشه سياستدانن کي آڱرين تي نچايو آھي. ووٽ جي عزت ۽ امپورٽيڊ جا نعرا به هڻن ٿا پر پنهنجي دل مان خوف ڇو نه ٿا ڪڍن؟ طاقتور ڌرين کان وڌيڪ عوام تي ڀروسو ڇو نٿا ڪن؟ اقتدار کسجڻ کان پوءِ نيڪ ۽ سچار ڇو ٿين ٿا ؟ بلاول ڀٽو صاحب ارڙھين ترميم ۾ ترميم ڪرڻ جي غلطي هاڻي ڇو پيو تسليم ڪري؟ عمران خان هاڻي جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ واري غلطي جو اعتراف ڇو پيو ڪري؟ شھباز شريف ڪنهن جا ۽ ڪهڙا راز ظاهر ڪرڻ کان ڪيٻائي پيو.؟ آخر اسان جا سياستدان ايڏا ڪمزور ۽ مجبور ڇو آھن؟ منهنجي نظر ۾ سياستدانن جي مجبوري ۽ ڪمزوري عوام جي تباهي جو سبب آھي. اها به حقيقت آھي پاڪستان ۾ ڪنهن به طاقتور جو گهر ناهي. لڳي ايئن ٿو پاڪستان ڪمائي لاءِ هڪ سٺو دڪان ۽ قبر لاءِ ھڪ سٺي سرزمين آھي.

[email protected]