“سياست ۾ فوج جو ڪردار رھندو”، ان سان گڏ نگران وزير اعظم ڪاڪڙ ھي به چيو آھي ته گذريل چئن ڏھاڪن ۾ سويلين ادارن جي ڪارڪردگي خراب رھي آھي، سو فوج ۽ سويلين قيادت جي لاڳاپن ۾ عدم توازن آھي. 26 سيپٽمبر تي ترڪ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ۾ نگران وزير اعظم چيو ته رياست جي معاملن ۾ مداخلت روڪڻ لاءِ سويلين ادارن جي صلاحيت وڌائڻي پوندي. ان کان اڳ نگران وزير اعظم چيو ته خسارو ختم ڪرڻ لاءِ سرڪاري ادارا وڪرو ڪيا ويندا. ان کان اڳ ٻڌايو ويو ھو ته 13 ادارا وڪرو ڪيا ويندا. آءِ ايم ايف جو ڪو اھڙو دٻاءُ ناھي، جيڪو پاڪستان خلاف ھجي.”
بلڪل ضروري ناھي ته ھر ڪو ڳالھ ٻولھ جي شروعات وزير اعظم جي نالي سان ڪري. جاويد بوزدار، جمن جتي ستي، جمعي فقير، جانو جرمن، جتن اداسي، جبار جاڙيجي، جمال پنھور، جواد ڪولاچي جي ذڪر سان به، مطلب ته عام ماڻھو، ڪنھن مزدور جي ذڪر سان به ڪري سگھجي ٿي. عام ماڻھو، جيڪو مھانگائيءَ، غربت سبب پيڙجي رھيو آھي. حڪمران طبقي کي عام ماڻھوءَ جي ڪھڙي ڳڻتي! اھو ته عام ماڻھوءَ کي شايد انسان ئي نه ٿو سمجھي. عام ماڻھوءَ جي حالت بابت عالمي بئنڪ چيو آھي ته پاڪستان ۾ ساڍا 9 ڪروڙ ماڻھو ڪسمپرسيءَ واري حياتي گھاري رھيا آھن. ٻين لفظن ۾ 39 سيڪڙي کان وڌ ماڻھو غربت جي سطح کان ھيٺ آھن. جيتوڻيڪ انھن کي سرڪاري انگ اکر ليکي سگھجي ٿو پر جيستائين محڪوم طبقو انگن اکرن جو ڪو پنھنجو سرشتو جوڙي، انھن انگن کي ڏسڻو پوندو. خاص طور جيڪڏھن سنڌ جون حالتون ڏسجن ته شھرن ۾ زندگيءَ جو معيار ھڪ آھي ۽ ڳوٺن ۽ ننڍن شھرن ۾ ٻيو آھي. 70 سيڪڙي کان وڌ ماڻھو پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم آھن ۽ ايترا ئي کاڌي پيتي جي تحفظ کان وانجھيل آھن. صحت جون سهولتون اڪثريت آباديءَ لاءِ خواب آھن. تنھن کان سواءِ بدامني به آهي. ان حالت ۾ ملڪ ۾ غريب ماڻھو ھڪ دوزخ ۾ پيو گذاري. عام ماڻھن جي ھيءَ حالت حڪمران طبقي ڪئي آھي. اڃا ڪسر رھجي وئي آھي، سو اھم ترين شين جون قيمتون وڌائڻ جا اشارا ڏئي رھيا آھن. 23 سيپٽمبر تي ھڪ نگران وفاقي وزير گوھر اعجاز ۽ ان کان اڳ وزير اعظم چيو ھو ته تيل جا اگھ گھٽايا ويندا. چند ڏينھن ۾ سرڪار ڦري وئي. 26 سيپٽمبر تي سرڪاري پڌرائي ڪئي وئي ته تيل اگھن بابت اوگرا ڪل مختيار آھي. گئس اگھن ۾ به واڌ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ان کان اڳ جڏھن نھايت ڳرن، غير معقول بجلي بلن خلاف ماڻھن احتجاج ڪيو ته ان جمھوري آواز کي دٻائڻ جون اٽڪلون ڪيون ويون. بل اڃا وڌيڪ ڳرا ڪيا ويا ۽ انوار الحق عوام کي چيو ته بل لازمي ڀرڻا پوندا، نه ته سخت ايڪشن ٿيندو. ان ئي نگران وزير اعظم سويلين قوتن کي قصوروار قرار ڏيندي چيو آھي ته سويلين جي ڪارڪردگي خراب آھي. ڇا سٺي ڪارڪردگي ان کي چئجي ته مظلوم عوام کي مھانگائيءَ جي بلڊوزر ھيٺان ڪچليو وڃي ۽ خانگائڻ جي جبري ۽ ظالماڻي پاليسي ھيٺ ماڻھن کي بيروزگار ڪيو وڃي؟
حڪمران ڪاڪڙ ھجي يا ڪو ٻيو، ان سان بحث جو ته ڪو فائدو آھي ڪو نه، حڪمران طبقو ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، ان طبقي جا چاپلوسي ڪندڙ به دليل نه ٿا ٻڌي سگھن، انھن به ڪن بند ڪري ڇڏيا آھن، پر نان اشوز تي رٽ 24 ڪلاڪ جاري اٿن. خالد سعيد جي لفظن ۾، حالتن جي چڱي عڪاسي ٿئي ٿي: “…ڪرپشن انتھا تي آھي. مجموعي قومي پيداوار 0.5 برابر آھي. ڪٿي اٽي جي مافيا آھي ته ڪٿي وري شگر مافيا. قانون جي عملداري جو ڪو به تصور ناھي. شھر شھر، ڳوٺ ڳوٺ لاقانونيت جو راڄ آھي. غريب طبقو مري رھيو آھي”. ھيئن کڻي چئجي ته انڌير نگري، چرٻٽ راجا. ھڪ طرف سنڌ ۾ پاٿاريدار سردارن جو راڄ آھي ته ٻئي طرف ڪي پي ۾ طالبان ۽ پنجاب ۾ انتهاپسند، ظاھر ۾ رياست کان ڏاڍا بڻيل آھن. اھا ڪنھن جي ڪارڪردگي آھي، جيڪا يقينن خراب آھي.
ايئن ٿو لڳي ته تاريخ دھرائجي رھي آھي. پي ڊي ايم ڪابينا جي گھر وڃڻ بعد پ پ جو گھيرو ڪيو ويو آھي. سندس ايم آر ڊي واري ساٿي جي يو آءِ به جي ڊي اي سان گڏجي وئي آھي. ان کان اڳ نون ليگ، اي اين پي، قاف ليگ سميت سڀ پارٽيون پ پ کان ڌار ۽ اڪثر دشمنيءَ تي لٿل آھن. مفاهمت جو بادشاھ ھاڻي بادشاھ نه رھيو آھي. غالب امڪان آھي ته چونڊون ٿي وڃڻ تائين پ پ کي ڌار اھا جنگ وڙهڻي پوندي. پ پ کي به سزا ملي رھي آھي، جو ان به عوام کي نظرانداز ڪيو ۽ اھي ئي پاليسيون اپنايون، جيڪي سامراج چاھيون پئي ته پاڪستان ۾ اپنايون وڃن، جيئن سرڪاري ادارا وڪرو ڪرڻ وغيره. جنھن سان روزگار سان لڳل ماڻھو بيروزگار ٿين ٿا. ان جي ابتڙ ذوالفقار علي ڀٽي خانگي ادارن کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو. پر پوءِ پ پ دور ۾ سامراجي پاليسيون جاري ڪرڻ کي جائز چيو ويو. ھاڻي توڙي جو ڪي پراڻا نعرا ڪڏھن ڪڏھن بلاول کي ياد اچي ٿا وڃن پر عملي طور زمين آسمان جو فرق آھي. تازو پ پ ھي به اعلان ڪيو آھي ته چونڊن ۾ اليڪٽيبلز کي اميدوار ڪيو ويندو. ان جو سڌو مطلب ڪارڪنن کي نظرانداز ڪري سردارن، ڏاڍ پرستن ۽ سرمائيدارن کي مڙھيو ويندو. محڪوم، مظلوم ۽ حق جو آواز بنجندڙ ماڻھو مقابلو ڪري رھيا آھن، توڙي جو انھن لاءِ حالتون نھايت سخت آھن. ڪنھن شاعر چواڻي:
ڪشتي ڀي نھين بدلي، دريا ڀي نھين بدلا
ھم ڊوبني والون ڪا، جذبا ڀي نھين بدلا
ھي شوق سفر ايسا، اڪ عمر ھوئي ھم ني
منزل ڀي نھين پائي، رستا ڀي نھين بدلا
حڪمران طبقي وچ ۾ ٽڪراءُ زورن تي آھي. پنھنجي ھڪ برادري واري سياستدان کي سرمائيدارن قيد ڪيو آھي. ان صورتحال کي نھايت سادو سولو ڪري بيان ڪجي ته اھو مال تي جھيڙو آھي. سياست جو سمنڊ ڪن وڏن عرصن بعد سونامي آڻي ٿو. گھڻيون ئي قوتون ان سان مري يا کري وينديون آھن.