سياست، ساران مستاني ۽ انومان جو عالم

0
124
سياست، ساران مستاني ۽ انومان جو عالم

 هن وقت پاڪستان ۾ ٿيندڙ اليڪشن کان پوءِ واري صورتحال تي مون کي، ڪئين سال اڳ هڪ شھر ۾ هڪڙي مستاني عورت ياد ٿي اچي. هوءَ شھر ۾ هلندي ڦرندي ڪنهن تي ڪاوڙبي هئي ته اهو پريشان ٿي ويندو هو ۽ ان جو ڪو نه ڪو نقصان ٿيندو هو، پر جنهن تي مهربان ٿيندي هئي ته ان جا سڀ ڪم سڻاوا ٿي ويندا هئا. ان شھر مان هر گذرندڙ ماڻھوءَ جي اها تمنا هوندي هئي ته شال ساران مستاني مٿس مهربان ٿئي ۽ سندس ڪم سڻاوا ٿين. خير اهو سلسلو تيستائين هلندو رهيو، جيستائين اها مستاني زنده هئي. ان جي مرڻ کان پوءِ شھرين ان جو مقبرو ٺھرايو. هاڻي شايد ان تي ميلو به لڳايو ٿو وڃي.

هن وقت جڏھن پاڪستان ۾ اليڪشن ٿي چڪي آھي ته هارايل ۽ ڪامياب اميدوارن جي حالت ڪجھ اهڙي آھي، جهڙي  ڪئين سال اڳ مستاني ساران جي ڀرسان گذرندڙ ماڻھن جي هوندي هئي، جيڪي ساران جي بد دعا جي خوف ۾ ورتل هوندا هئا. انهن کي خوف هوندو هو ته مستاني بد دعا جي ڪا وائي نه واري. هاڻوڪي اليڪشن کان پوءِ هارايل سياستدان پريشان آھن. خوش فقط اهي سياستدان آھن، جن تي سياست جي ديوي مهربان رهي آھي، جيڪي ڪافي مشڪلاتن هوندي به ڪامياب ٿيا آھن.

سياست ڇا آھي؟ ان جي ديوي ڪهڙي آھي؟ اهو هڪ الڳ ۽ گوناگون موضوع آھي، جنهن تي جيڪڏھن تفصيل سان ويهي لکجي ته هڪ الڳ ڪتاب جڙي پوندو. باقي سياسيات  political science جو مختصر تعارف آھي رياست جو علم. پاڪستان جي سياست انهن نظرين ۽ نظامن مان هڪ آھي، جنهن جي بنياد تي پاڪستان هڪ قومي رياست طور قائم ٿيو هو. پاڪستان آئيني طور هڪ جمهوري ملڪ آھي، جنهن جو سياسي نظام چونڊيل نمائندن جي حڪمراني تي مشتمل آھي. اها ٻي ڳالھ آھي ته  هتي رياست جي معاملن ۾ بعض اوقات فوج جو اختيار رهيو آھي، جنهن ڪري هتي جمهوري نظام جنرلن هٿان پئي سبوتاز ٿيو آھي. ڪڏھن جنرل ايوب خان ته ڪڏھن جنرل يحييٰ خان. ڪڏھن جنرل ضياءُ ته ڪڏھن پرويز مشرف، جمهوري نظام کي مروڙي آمريت پئي مسلط ڪئي آھي. جڳ مشھور ڏاهي ارسطو ته سياست کي شھري رياست جو علم چيو هو، جڏھن ته دنيا ۾ شھرن سان گڏ ٻھراڙيون به آھن. جبل ۽ وارياسا علائقا به آھن، جتي به ماڻھو رهن ٿا، اتان کان ئي سياست جي شروعات ٿي. سياست، جيڪا صدين جو سفر طئي ڪندي هن منزل تائين پهتي آھي، اسان وٽ ان جا قدر ۽ پيمانا ڪيترا نه بدلجي چڪا آھن! دنيا ۾ ته شايد اڃان به عوامي سياست ٿئي ٿي، پر اسان وٽ سياست چند طاقتور خاندانن وٽ قيد ٿي ويئي آھي. اهي طاقتور خاندان وري اسٽيبلشمينٽ جا غلام بڻيل آھن.

مون ڪٿي پڙھيو هو ته هندستان جو هڪ جهونو سياستدان لالو پرساد يادو هڪ دفعي اليڪشن جي ورڪ دوران ڪنڀارن جي ڳوٺ ۾ ويو، اتي غربت ڏسي سبب پڇيائين ته هتي غربت جو ڇا سبب آھي؟ ڪنهن جهوني ڪنڀار کيس چيو ته اسان جو پيٽ گذر جو ذريعو مٽيءَ جا ٺھيل ٿانوَ آھن، جيڪي هاڻي ماڻھو خريد نٿا ڪن ۽ اسان پنڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون. هن انهن ماڻھن سان واعدو ڪيو ته اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ اوهان جي مسئلي جو حل ضرور ڪڍندس. اليڪشن کان پوءِ ڪامياب ٿي هو جڏھن ريلوي جو وزير ٿيو ته هن حڪم ڏنو ته ريلوي اسٽيشن جي هر جنڪشن جي دڪانن ۽ هوٽلن تي اسٽيل، رٻڙ ۽ چيني جي برتنن جي جاءِ تي ٺڪر جا گلاس ۽ پيالا استعمال ڪيا وڃن. پوءِ ٺڪر جي ٿانوَن جي ايتري ته کپت وڌي جو انهن بکون ڪاٽيندڙ ڪنڀارن جا وارا نيارا ٿيڻ لڳا. هو خوشحال ٿيڻ لڳا. اسان وٽ اليڪشن دوران ماڻھن سان واعدا ته ڪيا وڃن ٿا، پر واعدا وفا نٿا ٿين. باقي سياست جي ديوي جن ماڻھن تي مهربان رهندي آھي، اهي ئي ماڻھو ڪامياب ٿيندا رهندا آھن.

سياست واقعي به ڏکي هوندي آهي. اسان وٽ سياست ۾  ڪوڙ ڳالهايو وڃي ٿو، جڏھن ته دنيا ۾ سياست سچ جو محور آهي. آڳاٽي وقت ۾ سياسي اڳواڻ عوامي خدمت ڪندا هئا. مولانا ابوالڪلام آزاد، محمد علي جناح، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀُٽو، شيخ مجيب، بينظير ڀٽو، شھيد الله بخش سومرو، موهنداس ڪرمچند گانڌي ۽ برصغير جي ٻين نامور سياستدانن عوامي خدمت ڪئي، پر هن وقت اسان وٽ ٿيندڙ سياست ۾ عوامي خدمت بجاءِ ڪوڙ ڳالهايو وڃي ٿو. اسان وٽ  جيترو وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائيندڙ اڳواڻ ھوندو آھي، اوتروئي ھو ڪامياب سمجهيو ويندو آھي. سياست ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جو ذڪر فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير پاڳاري ڪجھ ڏينهن اڳ ڄامشوري ۾ جي ڊي اي جي هڪ وڏي احتجاجي مظاهري ۾ تقرير ڪندي ڪيو هو. پير صاحب چيو هو ته مان سياست کان انڪري به پري ٿي ويو آھيان، جو ان ۾ عوامي خدمت جو جذبو گهٽجندو ٿو وڃي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آھي. هڪڙي ميمبر کان ويندي وزير تائين، مشير کان وزير اعظم تائين اڪثر اڳواڻ هتي ڪوڙ ڳالهائين ٿا. عوام جي اکين ۾ ترقي جا خواب پوکين ٿا. موسمن، حالتن ۽ وبائن جو فائدو وٺي اقتدار کي ڊيگھ ڏيارين ٿا ۽ خراب حالتن جو بار بار ذڪر ورجائي ترقي نه ٿيڻ جا جواز ڄاڻائين ٿا ۽ اهڙي طرح ھو  ايندڙ مدي لاءِ نوان خيال گهڙي ووٽ گهرن اچن ٿا ۽ وري ڪامياب ٿين ٿا. اھڙي طرح عوام واري واري سان لٽجندو رهندو آھي ۽ هو اقتدار جا مزا ماڻيندا رهندا آھن.

سياست لڪ لڪوٽي راند جيان آھي، جنهن راند ۾ هڪ ٻار ٻين کان پڇندو آھي ته سون جو تاج ڪنهن پاتو؟ پوءِ جنهن به چيو ته مون پاتو ته ان جون اکيون ٻڌي کيس ويهاريو ويندو آھي. پوءِ ٻيا ڇوڪرا پنهنجي هڪ هڪ مٺ سندس مٿي تي رکي هڪ مينار ٺاهيندا آھن، پوءِ سڀ ٻار هڪ ئي آواز ٿي چوندا آھن:

ڪنگر ڪي لوٽو،

پاڻي ڀريو ڦوٽو،

ڦوٽا ڇٽيندس،

لونگ لٽيندس،

هيٺيون يا مٿيون؟

مطلب ته هيٺيون ٻار وڃي لڪي يا مٿيون. ان دوران پهرين هڪ ڇوڪرو وڃي لڪندو آھي ۽ پوءِ ٻيا وڃي لڪندا آھن ۽ آخر ۾ اکيون ٻڌل ڇوڪرو هنن کي وڃي ڳولهيندو آھي. هو جنهن کي ڳولهي ان تي هٿ رکندو ته هو کاپي پوندو آھي. سياست ۾ ڪڏھن ڪير ٿو کاپي ته ڪڏھن ڪير ٿو کاپي. اهو سونو تاج پائيندڙ جي مرضي هوندي آھي ته هو ڪنهن تي ٿو هٿ رکي. اسان وٽ ھن وقت جن تي هٿ آھي، اهي حڪومت ٺاهڻ وڃي رهيا آھن پر اها خبر ناهي ته هنن جي مٿي تي اهو هٿ ڪيترو وقت  ٿو رهي.