سياست سماجي مامرن جي حل جو ڏانءُ آھي. اھا سياست جي نھايت سادي وصف آھي. رياست، حڪومت، مخالف ڌر ۽ سياسي پارٽيون توڙي نمائندن جا ايوان سڀ سياست جي دائري ۾ اچن ٿا. اھو شعبو ترت اثر وارو ۽ سڄي سماج کي وڪوڙي رکندڙ قوت آھي. ان جي ڀيٽ ۾ تعليم، واپار، صحت ۽ ٻيا شعبا يا ته دير سان اثر ڪندڙ يا وري سوڙھا آھن. ميڊيا ذريعي سياست ٿئي ٿي، پر ميڊيا ۾ فيصلا نه ٿا ٿين، نه وري پاليسيون ٺھن ٿيون. ساڳئي وقت انھن جي ڀيٽ ۾ سياست سوچ، عقل، بصيرت ۽ تدبر جي سدائين ۽ گھڻي حد تائين گھرجائو آھي.
ھڪ شخص جي لفظن ۾، “سماجي سائنس موجب سياست رياست جو ڪاروهنوار ھلائڻ يا اقتدار اعليٰ تائين پھچڻ جو علم آھي، جيڪو ڪنھن به ملڪ جي اندرين ۽ ٻاھرين تضادن جي ڇنڊڇاڻ ذريعي حل ميسر ڪندو رھندو آھي. جيئن ته ھر سياسي جدوجھد معاشي آزاديءَ جي مسئلي سان ڳنڍيل ھوندي آھي. تنھن ڪري سياست پنھنجي حتمي نتيجي ۾، معاشي آزاديءَ جو سوال بنجي اڀرندي آھي. ٻين آسان لفظن ۾ سياست جو تعين معيشت کان ٿيندو آھي. ڇو جو جي سياست معاشري جو مٿيون ڍانچو يا سپراسٽرڪچر superstructure ھوندو آھي ته معيشت ان جو بنياد يا انفراسٽرڪچر infrastructure ٿيندي آھي. ڊاڪٽر ھيگل موجب ته آزادي سياست جو عميق ترين قانون آھي. تنھن ڪري ئي سياست آزاد رياست ۽ ان جي اقتدار اعليٰ تائين پھچڻ جو اڪيلو ذريعو آھي”.
ڊاڪٽر ھيگل اھا ڳالھ ان دور ۾ ڪئي ھئي، جڏھن اڃا قومپرستي جو سوڙھ مغزيءَ وارو زمانو ھو. اڄ عالمي وحدت يا گلوبل وليج global village جو دور آھي. ان جون تقاضائون ڪجھ ٻيون آھن. سرمائيداراڻي سياست ابتڙ وھي رھي آھي. عوام جي نمائندگيءَ جون سندن دعوائون ڌوڙ ٿي ويون آھن. مارڪسي دانشورن ٽيڊ گرانٽ ۽ ايلن ووڊز جو چوڻ آھي ته، انساني تھذيب جي ترقي ۾ ھن وقت جيڪي ٻه وڏيون رڪاوٽون آھن. انھن ۾ ھڪ طرف خانگي ملڪيت آھي ته ٻئي طرف قومي رياست. انھن ٻنھي وڏن بتن کي ذرا پرزا ڪرڻ لاءِ بت شڪن گھرجن. ھاڻي ممڪنات جو فنArt of the possible سڏجندڙ سياست اڳيان پورھيتن جي اڳواڻيءَ ۾ انقلاب ڪا اڻ ٿيڻي شئي ناھي. بلڪه عالم انسانيت جو آدرش رکندڙ موجود آھن. گھڻا ماڻھو ان آدرش جي عملي صورت کي پنھنجي ادراڪ ۾ آڻي ئي نه ٿا سگھن. سطح تي منظر اھو آھي ته دنيا ۾ عام طور رواجي ادارا عمل ۾ آھن. نمائندن جا ايوان مسئلن تي بحث ۽ حل واسطي آھن. اھو ھڪ لکيل اصول آھي پر انھن ايوانن ذريعي عوام اھو مقصد نه ماڻيو آھي. جن ٻين ملڪن جا مثال ڪي ماڻھو ڏين ٿا، جيئن ايران ۽ وينزويلا، تن ۾ پڻ بھتري، کڻي ته اوڻيهه ويهه جيتري آھي. سو ھي ميدان اھو ناھي جنھن ۾ اچي نم جي وڻ کي سڃاڻجي ته ان جو ذائقو ڪڙو ٿئي ٿو، يا چئجي ته ٻه ۽ ٻه سدائين چار ٿين!
سياست ٽيڪنيڪل شئي نه پر سوچ ۽ ڳالھائڻ ڪرڻ سان واسطو رکي ٿي. اھو ماڻھن سان ماڻھن جو معاملو آھي. ڪنھن شخص جي ذاتي مسئلي ۽ ان جي حل واسطي سندس ڪوشش کي سياست نه چئبو. ٻن ڌرين جي تڪرار جو نبيرو ڪورٽن واري شعبي سان تعلق رکي ٿو. پر ان کان وڌيڪ ماڻھن ۽ ڌرين جا گڏيل معاملا نبيرڻ لاءِ ڪوشش سياست چئبي. ان ۾ بردباري ۽ برداشت اڻٽر ٿئي. نصابي ڪتابن ۾ سياست بابت خيالن جي اپٽار ۽ تاريخ پڙھجي ٿي. اھا سياسيات آھي. ڀلي ان کي پوليٽيڪل سائنس چئجي، پر سياست کي ڪتابن ۾ نه ٿو پڙھي سگھجي. گھڻا ماڻھو الف ب پڙھي سياستدانن تي ٽيڪاٽپڻي ڪري سگھن ٿا پر سياسي پرک سندن وس جي ڳالھ ناھي. البت پڙھيل ھجي يا اڻ پڙھيل، ڪنھن جي ڪردار کي ڏسي ته عقلمند کي اشارو ڪافي آهي.
سياسي لاھيون چاڙھيون، عمراني معاھدو، سوشلسٽ تجربا توڙي مسلم ھسٽري ۽ ڪتابن اندر مفڪرن جا نظريا سڀ اھڙيون شيون آھن، جن جي ڪنھن شاگرد کي جبل ٽڪڻو نه ٿو پئي. بلڪه افلاطون، ارسطو کان وٺي مارڪس، لينن، ٽراٽسڪي تائين توڙي پوءِ جي پڙھيل لکيل ماڻھن جي سياسي نظرين کي پڙھڻ تفريح جو ھڪ سامان به آھي. ڏک سکن جي سونھن آھن، ھن ميدان ۾ به. يعني سياست به زندگي جيان آھي. جيئن چڱي حياتي، وھندڙ پاڻي، جھجھي فصل، ٿر جي مينھن، گھاٽي بڙ جي ڇانو، صحت ۽ خوبصورتيءَ جھڙي آھي، تيئن چڱي سياست به ٿئي ٿي. گھڻا تڻا سياستدان لومڙي صفت، ڌوڪيباز، قاتل آھن. پر ايئن ناھي ته خدا جي ڌرتي خدا ترس مدبرن کان وانجھيل ھجي. سندن سياست کين عظمت جي معراج تي پھچائي ٿي پر سياست جي عام ميدان ۾ گھٽ ۾ گھٽ اخلاق يا تھذيب جي ضرورت مڃيل آھي. ايئن نه ھجي ھا ته عوام، غريبن سان سچائي ۽ انصاف جا نعرا نه ھنيا وڃن ھا ۽ پارٽيون ٺاھي انھن جا نالا عوامي نه رکيا وڃن ھا. اھا ئي ته اھا سياست آھي، جنھن کي ڌوکو ٿا چون.
جان رسڪن، لارڊ ايڪٽن. پروفيسر ايور برائون به اخلاقي نظرئي ۽ سياست جي سٻنڌ تي زور ڏين ٿا. پر عمل ۾ اھو ڪيئن ممڪن آھي، اھو ڏسڻ انھن ويچارن جي وس جي ڳالھ ئي ناھي. اھي رواج کان ٻاھر وڃي ئي نه ٿا سگھن ۽ تھذيب رواجن ۽ مقبول خيالن جو مجموعو آھي. تھذيب جي ھڪ معنيٰ آھي سڌارو. عام خيال آھي ته سياستدانن ۾ سڌارو نه آيو آھي. ميدان تي موجود اعلانيل پارٽين ۽ گروپن بيشڪ بھتري کان نابري واري ڇڏي آھي. جي ماڻھو چون ٿا ته سماج جي سسٽم ۾ سڌارو ممڪن نه رھيو آھي ۽ اھي انقلاب جي ڳالھ ڪن ٿا، تن مان به گھڻن تڻن پنھنجي اندر کي سماج جي سسٽم جيان مدي خارج بنائي ان جي سڌاري کي اڻ ٿيڻي ڪري ڇڏيو آھي. اھي به ان ئي نظام جا موالي آھن. انھن پنھنجي ٽولن کي سياسي ڪارڪنن لاءِ مافيا بنائي رکيو آھي. ھاڻي ڪارڪن به پنھنجي ذات مٿان ڪميءَ جھڙو اھڙو خول ٺاھيو سوڙھا ٿيا ويٺا آھن، جنھن مان ڪا ٻاھرين پڪار اندر نه ٿي وڃي سگھي. غريب مخلوق جون تڪليفون ۽ گھرجون ڪھڙيون آھن، ان ڳالھ ڏانھن ڌيان ڏيڻ جيتري تڪليف نه ٿا ڪرڻ گھرن. اھو سياسي اخلاق جو ڏڪار آھي. لارڊ رسل چواڻي:“سياسي اخلاق بنا قومون تباھ ٿين ٿيون ۽ ذاتي اخلاق بنا سندن وجود بي معنيٰ ٿيو پئي.”
سياسي اخلاق ڪارڪنن جي ذاتي ڪردار کان گھڻو ڪشادو ٿئي ٿو. پر ڪارڪنن تي وڌ کان وڌ ذميواري ٿئي ٿي، ان حالت ۾ جڏھن ليڊر مھذب ٿيڻ کان قسم کنيو ويٺا آھن. آخر اھڙن ليڊرن کان آجي، غير روايتي سياست ڇو ممڪن ناھي!؟ نيٺ گڏيل قيادت وارو ڪو بندوبست ڇو نه ٿو ٿي سگھي!؟