زمين جو هڪ چنڊ آهي اها ته اسان سڀني کي خبر آهي، پر مريخ سياري جا ٻه چنڊ آهن. هڪڙي جو نالو آهي ڦوبوس ۽ ٻي جو نالو آهي ڊيموس.جيئن ته مريخ سيارو زمين کان ننڍو آهي ان ڪري مريخ جا چنڊ به اسان واري چنڊ کان ڪافي ننڍا آهن.

مريخ جي چنڊ ڦوبوس جو ڊاياميٽر يا قُطر  صرف 22 ڪلوميٽر آهي ۽ ڊيموس جو تيرنهن ڪلوميٽر. ٻي مزي جي ڳالهه ته ڦوبوس چنڊ مريخ جي ٻاهران صرف 6000 ڪلوميٽر جي فاصلي تي گردش پيو ڪري.

جيئن ته سائنسدان هر ستاري، سياري، چنڊ يا ايسٽرائڊ جو گردشي رستو orbital path or trajectory ڪيلڪيوليٽ ڪري سگهن ٿا ته ڪو به آسماني جسم ايندڙ لکين سالن تائين ڪٿي هوندو ۽ ڪهڙي ريت پنهنجو سفر جاري رکي سگهندو. مريخ جي انهن ٻنهي چنڊن جي جڏهن orbital trajectory ڪيلڪيوليٽ ڪئي وئي ته اها ڳالهه سامهون آئي ته ايندڙ پنج ڪروڙ سالن ۾ ڦوبوس چنڊ مريخ جي ويجهو ايندي ايندي مريخ جي گريوٽي جي ڇڪ ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪري سياري مريخ جي ٻاهران رنگز ٺاهيندو جيئن سياري زحل جي ٻاهران رنگز آهن. ياد رهي ته زحل سياري جون رنگز به زحل جي چندن جي تباھه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٺهيا هئا، ان تي الڳ پوسٽ رکبي.

ڦوبوس چنڊ مريخ جا روز چار چڪر هڻندو آهي ۽ اولھه کان اڀري اوڀر ۾ وڃي لهندو آهي. ناسا ڪجهه سالن ۾ ڦوبوس چنڊ تي ننڍا ننڍا ڪوئي جي سائيز جيترا روبوٽ ڇڏيندي ۽ اربين سالن کان ان 22 ڪلوميٽر پٿريلي ٽَڪر جي باري ۾ وڌيڪ معلومات ملي سگهندي.

ڪجهه سائنسدانن جو خيال آهي ته مريخ بدران ان جي چنڊ تي لهجي ۽ مفت ۾ مريخ جي چوڌاري ان چنڊ تي ويهي ڪري چڪر هڻجي…. (فيس بوڪ تان ورتل)