مٺي / اسلام ڪوٽ (رپورٽ: ممتاز نهڙيو ۽ الطاف اسماعيل بجير) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سياري لاءِ گئس جو انتظام اڃا تائين نه ٿي سگهيو آهي، ٿر جي ڪوئلي مان ٽن صدين جي بجلي ٺاهي سگهجي ٿي. ٿرڪول جي حبڪو پاور پلانٽ جو ٻيو ڀيرو افتتاح ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته گئس اسان جي پهچ کان ٻاهر آهي. اڃا تائين ان جو انتظام ناهي ٿي سگهيو. 6 مهينن دوران 24 ارب ڊالر توانائي تي خرچ ڪري چڪا آهيون. ڪوئلي جي ورهاست لاءِ اسان سڀني کي ملي ريلوي جي نظام کي به بهتر ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي واري بجلي 37 روپين بدران 10 روپيا في يونٽ ٺهي ٿي، ملڪ جا سمورا پاور پلانٽ ٿر جي ڪوئلي تي هلايون ته ملڪ ۾ انقلاب اچي وڃي، ٿر جو ڪوئلو استعمال ڪرڻ سان  ساليانو 7 ارب ڊالر  تائين مٽا سٽا جو ناڻو به بچائي سگهون ٿا. گهرو وزير بلاول ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته وفاق ۽ صوبائي بيوروڪريسي جي جهيڙن سبب منصوبا ليٽ ٿي وڃن ٿا، منصوبا تڪڙا مڪمل ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ سنڌ جو هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙيو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته ٿر ۾ به “شهباز اسپيڊ” سان ڪم ٿئي هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي تي فيصل آباد جون انڊسٽريز هلي رهيون آهن،  ٿر جو ڪوئلو سڄي پاڪستان کي تبديل ڪري سگهي ٿو، ٿرڪول منصوبن سان گرين انقلاب آڻي سگهون ٿا، پرائيويٽ سيڪٽر سان گڏجي اسان سولر پينل کڙا ڪري سگهون ٿا، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اڃا به پاڻي بيٺل آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي وزيراعظم ۽ اسان جي گڏيل ذميواري آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ٿر جو دورو ڪري ها ته هن وقت پاڪستان کي 10 هزار ميگاواٽ بجلي حاصل هجي ها، عمران خان دعوت باوجود ٿر اچڻ پسند نه ڪيو، هن چيو ته سنڌ وٽ پاڪستان جي توانائي جي مسئلن جو حل موجود آهي، ٿر ڪول پاڪستان جي معيشت لاءِ گيم چينجر آهي، صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته وزيراعظم ٿر واسين لاءِ 300 يونٽس تائين مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري، ٿر ڪول جي منصوبن ۾ مقامي ماڻهن جو روزگار يقيني بڻايو وڃي.