ڪراچي( ڪامرس ڊيسڪ) سياري جي سوکِڙي مڱ ڦريون (بوهي مڱ) ڪراچي پهچي ويون، ان ڏس ۾ ڪراچي جي مختلف بازارن ۾ سکر ۽ پاراچنار واريون مڱ ڦريون 1000 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيون هيون، واضح رهي ته گذريل سال مڱ ڦرين جو اگهه 960 رپيا ڪلو هو، جنهن ۾ هيل 40 رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي