سياحت جو عالمي ڏھاڙو ۽ اسان جا تاريخي ماڳ

0
86
سنڌي-ٻولي-جاڳرتا-مھم-۽-اسان-جون-ذميواري

  27 سيپٽمبر جي ڏھاڙي کي سموري دنيا ۾ سياحت جو عالمي ڏينهن ڪري ملھايو ويندو آهي.سياحتي ڏھاڙي جي موقعي تي سموري دنيا ۾ مختلف ملڪن پاران سياحت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويندا آهن.خاص طور تي سياحتي ڏھاڙي جي موقعي تي اتي سياحن کي تفريح لاءِ خاص موقعا فراھم ڪيا ويندا آهن ۽ مقامي سطح تي سياحت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف ملڪ پنهنجون پاليسيون مرتب ڪندا آهن. دنيا جا مختلف ملڪ اھڙا به آھن جن جي سياحت ۽ تاريخي ماڳن کي تمام گھڻي پذيرائي مليل آھي انھن ملڪن ۾ اڪثر ملڪ اھڙا به آھن  جن جي اڪانامي جو  دارومدار انھن جي سياحت تي آھي انھن ملڪن ۾ سئزرلينڊ ۽ ٿائيلنڊ جا نالا نمايان آھن، سياحت جي حوالي سان جيڪي ملڪ مشھور  آھن انھن ۾ يورپ جا اڪثر ملڪ اچي وڃن ٿا انھي کان پوءِ  آفريڪا  آمريڪا ۽ ايشيا جا ملڪ اچي وڃن ٿا. ھن وقت دنيا جي سياحت ۽ ريزاٽس جي حوالي سان جتي سئيزرلينڊ ۽ ٿائيلينڊ مشھور آھن اتي انڊونيشيا، نيوزيلينڊ، بيلجيم فرانس، جرمني، لنڊن، سينگاپور ،ملائيشيا، مصر، الجزائر ، ڊينمارڪ ۽ ٻيا ملڪ تمام گھڻو مشھور آھن  سئزرلينڊ ۽ سينگاپور تمام گھڻو خوبصورت ملڪ آھن. انڊونيشيا ۾ جاوا جا ٻيٽ فرانس جرمني جا ميوزم مصر ۽ الجزائر جا احرام دنيا جي سياحت جي خوبصورتي جو اھڃاڻ آھن. مٿي ذڪر  ڪيل ملڪن  ۾ گھمڻ وارين جڳھين تي ٻارھوئي مھينا سياحن جي رش ھوندي آھي. ڪشمير سميت اسان  جي ملڪ پاڪستان ۾ پڻ تمام گھڻيون گھمڻ واريون جايون ۽ ماڳ مڪان(ريزاٽس)موجود آهن.اھي سڀئي ماڳ مڪان پنهنجي تاريخي حيثيت رکن ٿا. پر اھي ماڳ مڪان ڪمرشل بنيادن تي اھي پنھنجي جڳھھ ناھن ٺاھي سگھيا.ھر سال27 سيپٽمبر تي ملھائجندڙ انھي عالمي سياحتي ڏينھن جي موقعي تي دنيا جي مختلف ملڪن جي سياحت واري کاتي جاذيلي ادارا(ٽوئرزم ادارا) پنھنجي ملڪ جي ماڻهن کي سياحتي ماڳن تي قائم ريزاٽس تفريح ماڳن  ۽ هوٽلن تي خاص رعايت ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪندا آهن.اسان جڏهن سنڌ جي اوائلي تاريخ ۽ روايتن تي نظر وجھون ٿا ته ان ۾ ڪوٽن ۽ تاريخي ماڳن جو ذڪر ضرور ملي ٿو

اسان وٽ سنڌ پرڳڻي ۾ جيڪي به تاريخي ماڳ مڪان آهن اھي خاص اھميت جا حامل آهن.موئن جو دڙو کان وٺي ڪارونجھر تائين ڪوٽڏيجي جي قلعي کان وٺي عمرڪوٽ جي قلعي تائين گورک ھل اسٽيشن (ريزاٽس )کان وٺي مڪلي جي ماڳن ۽ رني ڪوٽ تائين لطيف جي نگري کان وٺي قلندر جي نگري تائين سنڌ ۾ جتي به تاريخي ماڳ ۽ گھمڻ واريون جڳھيون آهن اتي ماڻهن جا ميلا متل ھوندا آهن.ھن وقت جيڪر ڏٺو وڃي ته  برساتن ٻوڏ جي صورتحال سبب سنڌ جا تاريخي ماڳ قلعا ۽ ڪوٽ زبون حالي جو شڪار بڻجي ويا آھن. جيتوڻيڪ تباھ ٿيل انھن ماڳ مڪانن جا انگ اکر سامھون ناھن آيا پر برساتن سبب انھن ماڳن  جي زبون  حالي جون خبرون ميڊيا تي ضرور  اينديون  رھيون آھن. توهان سموري دنيا جي مختلف ملڪن ۾ گھمڻ ڦرڻ وارين جاين(تفريح ماڳن)۽سياحتي مرڪزن تي يا سياحت جي حوالي سان ڏسندئو ته اتي سياحت کي “ڪمرشل” بنيادن تي ھلايو وڃي ٿو پر انهيَ جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ سياحت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪا خاص رٿابندي ٿيل ناھي. اھوئي سبب آهي جو اسان جا اڪثرتاريخي ماڳ مڪان ڪوٽ قلعا ڪو پذيرائي حاصل ناھن ڪري سگھيا. ھن وقت  سنڌ ۾جيڪي به تاريخي ڪوٽ قلعا آهن اھي  پڻ برساتن جي ڪري تباھ حال ٿيندا پيا وڃن. ھاڻي  جڏهن ڳالهه تاريخي ماڳن جي نڪتي آهي ته سنڌ ۾ جتي ڪوٽ قلعا ۽ ماڳ مڪان  آهن ته ساڳي ريت اتي جين  ڌرم جا مندر پڻ آهن.جيڪي ٿر ۾ننگرپارڪر جي آسپاس وارن پڊن تي ملن ٿا. جين مت جي مندرن کي “جين ڀون” پڻ چئبو آهي.سنڌپرڳڻي جي ٿر واري علائقي جا تاريخي ماڳ جن۾ نئون ڪوٽ جو قلعو، ڪارونجھر، ساڙدڙو، ڌام، ڪاسٻو، ڀوڏيسر ماروي جو ڳوٺ، ڀالوا، گوڙي مندر، چوڙيو مندر، مٺي جي گڍي واري ڀٽ اھم تاريخي ماڳ تصور ڪيا وڃن ٿا.جتي ھرسال وسڪاري ۾ سياحن جي رش متل ھوندي آهي ٿر جي انھن  ماڳن جي ھڪ منفرد تاريخي سڃاڻپ پڻ رھي آهي. نئون ڪوٽ جو قلعو  برساتن کان پوءِ ھن وقت زبون حالت جو شڪار آهي

ھي قلعو مير ڪرم علي خان ٽالپر 1814 ع ۾ ٺھرايو ھو. ٿر جي مرڪزي شھر مٺي جي گڍي واري ڀٽ اھم پڪنڪ پوائنٽ آهي. ھي ڀٽ مٺي شھر جي خوبصورتي جو اھڃاڻ بڻيل ھن ڀٽ تي ترقياتي ڪم ضرور ٿيا آهن پر گڍي ڀٽ تي ٻارن جي تفريح لاءِ ٺھيل پارڪ زبون حالت جو شڪار آهي. اتي جھولا وغيره توھان کي ٽٽل نظر ايندا گڍي ڀٽ تي ڪا وڏي ھوٽل ياريسٽورنٽ جي سھولت ميسر ٿيل ناهي. گڍي ڀٽ تي سرڪار طرفان جيم خانا ڪلب پڻ ٺھيل آهي.مٺي شھر جي ڏکڻ اڀر طرف شھرين جي تفريح لاءِ ضلعي حڪومت پاران ھڪ “نئين گڍي ڀٽ” پڻ ٺاھي ويئي آهي.اتي ترقياتي ڪم جاري آهن. شھر مٺي کان پوءِ 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اسلام ڪوٽ شھر  ۾ سنت نيڻورام جو آشرم پڻ آهي جيڪو ٿر ۾ مذهبي رواداري ۽ ڀائيچاري جو اعليٰ مثال آهي.ٿر گھمڻ لاءِ ايندڙ سياح انهيَ آشرم تي پڻ ويندا آهن.اسلام ڪوٽ کان اڳتي گوڙي مندر ڏسڻ وٽان آهي جتي تاريخي مندر تي اڪريل چٽسالي قديم دور جي فن ۽آرٽ کي اجاگر ڪري ٿو.گوڙي مندر سميت ننگرپارڪر جي آسپاس جيڪي به جين مت جامندر آهن اھي يارھين صدي وچ واري عرصي جا ٺھيل آهن.انهن ۾ گھڻا مندر سنگ مرمر جي پٿر مان تيار ڪيل آهن.گوڙي مندر جو 1715ع ۾ ٿيل مرمتي ڪم چن جي نفيس پلستر سان ڪيو ويو ھو. اھو پلستر ۽ چٽسالي آھستي آھستي پنھنجي اصليت وڃائيندو پيو وڃي

ٿر جي تاريخي ماڳن ۾ مارئي جو ڳوٺ ڀالواپڻ ڏسڻ وٽان آهي.جتي مارئي جو کوھھ ۽ اتي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران جوڙيل ننڍڙو ميوزيم سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل ھوندو آهي. پارڪر جي پڊن تي ڀوڏيسر ۾ صديون پراڻا قديم مسجد ۽ قديم جين ڌرم جو مندر ۽ ڀوڏيسر تلاءَگھمڻ وٽان آهي. برساتن کان پوءِ ڀوڏيسر جو مندر ھن وقت زبون حالت جو شڪار آهي. ھي مندر پاري ننگر جي تباهي کان پوءِ 1226ع ٺاھيو ويو ھو، انھي وقت پاري ننگر جي آبادي ڀوڏيسر لڏي آئي ھئي.ڀوڏيسر ۾ ھن وقت جيڪي ڊٺل “ڏھرا” نظر اچن ٿا انھن ۾ پوڻي ڏھرو ڏسڻ وٽان آهي. سلطان محمود غزنوي جڏهن سومناٿ تي1206ع فتح حاصل ڪري واپسي آيو ٿي تڏهن ھو ڀوڏيسر تلاءَ وٽ پڻ ترسيو ھو.انھي دور ۾ محمود بيگڙي پاران تلاءَ جي ڀر ۾ سنگ مر مر جي پٿر مان ھڪ مسجد پڻ تعميرڪرائي ويئي ھئي. ڀوڏيسر کان ڪجھھ فاصلي تي ننگر پارڪر جي شھر ۾ پڻ جين ڌرم جا قديم مندر موجود آهن  جن جي مرمتي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي جڏهن ته صدين جي تاريخ جو اتھاس رکندڙ اڏولتا جو اھڃاڻ ڪارونجھر جبل ۽ انهيَ جي ھنج ۾ ھندن جا تيرٿ آستان ساڙدڙو مندر گئو مکي انچلاسر ۽جبل جي آس پاس وھندڙ نديون گوڙدڙو ندي ڀٽياڻي ندي مايا ڊئم ۽گھرٽياري ڊئم پڻ سياحن لاءِ تفريح جو اھم مرڪز بڻيل آهن.ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران“ مسڪين جھان خان کوسي”جي نانءُ سان ھڪ ڪلچرل ڪامپليڪس پڻ جوڙيو ويو آهي. جڏهن ته ساڳي کاتي پاران تروٽ جي ٿلھي تائين سيڙھي پڻ ٺاھي ويئي آهي. ننگرپارڪر کان 10 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سرسبز ڳوٺ ڪاسٻو آباد ٿيل آهي.حسناڪي جو اھڃاڻ بڻيل ھن سرسبزڳوٺ ۾ ٻه مندر پڻ آهن جتي سموري سنڌ مان اڪثر سياح ھن ڳوٺ جا مندر گھمڻ ايندا آهن اتي وري نابين فنڪار يوسف فقير  توهان کي سر آلاپيندي نظر ايندو. ننگرپارڪر کان ڏکڻ اوڀرطرف40ڪلوميٽرن  جي مفاصلي تي چوڙيو مندر پڻ آهي. جبل جي اوچي چوٽي تي غار ۾ ٺھيل ھن مندر جي آس پاس جا خوبصورت نظارا پڻ ڏسڻ وٽان آھن. ھن سال گورنمينٽ طرفان ھن مندر تي ترقياتي ڪم ضرور ڪيا ويا آھن ننگرپارڪر جي آس پاس پاري ننگر جا ڏھرا ۽ سانگھا ڍنڍ پڻ سياحن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل ھوندي آهي.جيتوڻيڪ ھر سال وسڪاري جي چئن مھينن دوران ھزارين ماڻهو (سياح )ٿر گھمڻ اچن ٿا پر اتي سياحن لاءِ اھي گھربل سھولتون ميسر ٿيل ناھن ھونديون جيڪي ھجڻ گھرجن ھا. اڄ جڏهن سموري دنيا ۾ سياحت جو عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي ته اتي ٿر سميت سموري سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت کي ھٿي ڏيارڻ جي ضرورت آهي انھي ڏس ۾ ثقافت کاتو ۽ سياحت کاتو سنڌ تحرڪ وٺي.جيڪڏهن سرڪار طرفان تاريخي ماڳن تي سياحن لاءِ گھربل سھولتون ميسر  ڪري ڏنيون وڃن ته وسڪاري مند کان علاوه سياري جي مند۾ پڻ سياح ٿر اچي سگھن ٿا.