بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) چين ۾ هڪ سياحتي ڳوٺ نقلي برف باري لاءِ ڪپهه جي اون ۽ صابڻ جو پاڻي استعمال ڪرڻ تي سخت ردعمل بعد معذورت ڪري ورتي، پنهنجي دفاع ۾ چينگڊو اسنو وليج پروجيڪٽ جو چوڻ هو ته جنوري جي آخر ۾ موسم گرم هو ۽ نئين قمري سال جي موڪلن دوران برفاني ڳوٺ اهڙي شڪل اختيار نه ڪئي، جهڙي سوچي وئي هئي، چينگڊو جي ڀرپاسي عالئقي ۾ کوليل سياحتي هنڌ کي افتتاح جي فوري بعد ان وقت تنقيد کي منهن ڏيڻُ پيو، جڏهن اتي گهمڻ آيل ماڻهن ڪاٽجز ۽ جهنگ جي رستن تي پيل برف کي ڪپهه جو ڏٺو، هڪ سياح چيني سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ۾ چيو ته انهن کي محسوس ٿئي ٿو ته انهن کي دوکو ڏنو ويو آهي، سندن خيال آهي ته انهن جي عقل جي بي عزتي ڪئي وئي آهي.