ڪراچي (انٽرسٽنگ نيوز) ڪراچيءَ جي هڪ عورت ”سو ڪوئا کائي ٻلي حج تي وئي“ وارو پهاڪو سچ ثابت ڪري ڏيکاريو. ميڊيا رپورٽن موجب ڪراچي جي علائقي لياري جي رهواسڻ عورت پاڙيسري جي گھر مان 20 تولا سون چوري ڪري عمري تي هلي وئي. ڪراچي جي علائقي لياري بغدادي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري هڪ عورت کي گرفتار ڪيو آهي، عورت خلاف بغدادي ٿاڻي تي سڳن چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيل هو. پوليس موجب 27 آڪٽوبر تي بغدادي ٿاڻي ۾ شهري 20 تولا سون چوري ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪرايو، پوليس موجب شڪ جي بنياد تي سندس مڙس عمران کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن تي عورت جي مڙس پوليس آڏو اعتراف ڪيو ته اها واردات سندس زال شهناز ڪئي آهي. پوليس موجب عورت جوابدار کان 3 تولا سون ۽ 15 لک رپيا روڪ هٿ آيا آهن جڏهن ته 17 تولا سون وڪڻي چڪي هئي جن پيسن مان هو عمري تي هلي وئي هئي.