لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي پيءُ اعظم صديقي هڪ ڀيرو ٻيهر پٽ جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اعظم صديقي چيو ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ٽيم آف دي ايئر جو ميمبر ۽ ڪيپ هولڊر بابر اعظم کي ڊراپ ڪيو ويو، پر هو نئين سر ٽوئنٽي ۽ پي ايس ايل ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ٽيم ۾ واپسي ڪندو. هن اڳوڻن رانديگرن کي مخاطب ڪندي چيو ته لفظن جو مناسب استعمال ڪريو، ائين نه ٿئي جو ڪو ورائي جواب ڏئي ۽ پوءِ برداشت نه ڪري سگهو، توهان ماضي آهيو ۽ ٻيهر نه کيڏندئو. اعظم صديقي چيو ته ماڻهو چون ٿا ته پيءُ گهڻو ڳالهائي ٿو، پر مان بابر اعظم جو پهريون ۽ آخري ڪوچ آهيان، مان سندس ترجمان ۽ مينٽور آهيان ۽ سڀ کان وڌيڪ خير خواهه پيءُ آهيان. سندس چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو تنقيد ڪري رهيا آهن، کين گهرجي ته پنهنجي دور جي ڪارڪردگي پي سي بي جي ويب سائيٽ تي ڏسن، سياڻن لاءِ اشارو ڪافي آهي. ياد رهي ته بابر اعظم کي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۽ ان کان اڳ نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا خلاف سيريز ۾ خراب فارم سبب سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.